ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
عمران خان به طاهر القادري جي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيف جسٽس کان ماڊل ٽائون سانحي بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي طاهر القادري جي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سفارتي ڀرتين سبب پنجاب پوليس جي حالت خراب آهي، ماڊل ٽائون سانحي جا متاثر اڄ به انصاف لاءِ روڊن تي آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته شريف خاندان کي اهڙي پوليس گهرجي جيڪي سندن حفاظت ڪري سگهي، ڪي پي ۾ ڏوهه واضح طور گهٽ ٿيا آهن. هن چيو ته  ڪي پي ۾ 38 سيڪڙو ڀتا خوري جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ رنجيت سنگهه کانپوءِ شريف ڀائرن وڌيڪ حڪمراني ڪئي آهي. عمران خان چيو ته ڪي پي ۾ پوليس جا سڌارا رڳو اشتهارن ۾ نه ٿي رهيا آهن.  هن چيو ته سموري پوليس ۾ ڀرتيون رائيونڊ مان ٿينديون آهن، شريف ڀائرن پوليس کي خراب ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف سڀ کان وڏو ڊرامو آهي، اشتهارن ذريعي شوبازي ڪري رهيو آهي، پوليس سميت ڪو هڪ ادارو به ٺيڪ نه ڪيو ويو آهي. عمران خان چيو ته ڪميشن لاءِ ميٽرو ۽ اورينج لائين جهڙيون رٿائون ٺاهيون پيون وڃن، عوامي ڀلائي لاءِ ڪي به رٿائون نه جوڙيون ويون آهن. عمران خان چيو ته چيف جسٽس کي ماڊل ٽائون سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن کي انصاف نه ملندو ته روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪندا، طاهر القادري سان تحريڪ ۾ ڀرپور نموني ساٿ ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته جاتي امرا جي سڪيورٽي 7 ارب رپيه خرچ ڪري اڍائي هزار  پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. عمران خان چيو ته قصور 12 نينگرين کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو، ذميوارن کي وائکو ٿيڻ گهرجي.