ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
آءِ جي سنڌ جي تبديلي انتظامي معاملو آهي، دستي مان به سٺيون اميدون رکڻ گهرجن: ناصر شاهه

ڪراچي: سنڌ جي سڌسماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو  آهي ته آءِ جي سنڌ جي تبديلي نج انتظامي معاملو آهي سڀني پوليس آفيسرن امن جي قيام لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عبدالمجيد دستي مان به سٺيون اميدون رکڻ گهرجن، امن امان جي بحالي لاءِ سڀني آفيسرن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته قصور ۾ لاڳيتو اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، شهباز شريف ڪم نه پر ايڪٽنگ ڪندو آهي هن جي صرف شوبازي آهي. هن قصور ۾ مظاهرو ڪندڙ شهرين تي پوليس پاران سڌي فائرنگ جي پڻ مذمت ڪئي.