ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
سنڌ جي وڏي وزير ٻارن سان زيادتي جا واقعا روڪڻ لاءِ خاص ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي ڪري وزير اعليٰ هائوس ۾ خاص ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان خاص ڊيسڪي جي سڌي سنئين نگراني ڪندو. وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي حوالي سان خاص ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي. خاص ڊيسڪ وڏي وزير جي شڪايتي سيل ۾ قائم ڪئي وئي آهي. ان خاص ڊيسڪ تي ٻارن سان زيادتي جي حوالي سان 24 ڪلاڪ شڪايتون وصول ڪيون وينديون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي کي ٻارن سان زيادتي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ خاص قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته سمورا اسڪولن ٻارن جي حفاظت لاءِ خاص قدم کڻن.