ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
مال روڊ تي احتجاج جي اجازت نه ڏبي، متبادل جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مال روڊ تي احتجاج جي اجازت ناهي، متبادل جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. تفصيل موجب راڻا ثناءُ الله طاهر القادري جي مال روڊ تي احتجاج ڪرڻ واري اعلان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مال روڊ تي احتجاج جي پابندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت آهي، مال روڊ تي احتجاج جو مقصد ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ڪرڻ، سرڪاري ملازمن کي آفيسن ۽ ٻارن کي اسڪولن وڃڻ کان روڪڻو آهي. هن چيو ته طاهر القادري هتي رڳو احتجاج ۽ ڏڦيڙ جي غرض سان ايندو آهي پر قادري صاحب توهان پنهنجا شوق پنهنجي اصل ملڪ ڪينيڊا ۾ پورا ڪندا ڪيو ڇو ته اسان عوام خلاف  احتجاج جي اجازت نه ڏينداسين.