ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
طاهرالقادري پاران مال روڊ تي ڌرڻي جو اعلان، ڪارڪنن کي هر قسم جي تياري سان اچڻ جي هدايت

 لاهور(م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري 17 جنوري تي لاهور ۾ مال روڊ تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڪارڪنن کي هر قسم جي تياري سان اچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته احتجاج ۾ سموريون سياسي پارٽين جي سربراهن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي جڏهن ته ڪنٽينر هڪ آهي ۽ خبر ناهي ڪيترا ليڊر ايندا؟ پر منهنجي خيال ۾ سموريون سياسي پارٽيون شرڪت ڪنديون. هن چيو ته مال روڊ تي ٿيندڙ ڌرڻي اڳتي ويندو، انصاف لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا پر اسان اهڙو قدم نه کڻنداسين جنهن جي قانون اجازت نه ڏئي. انساني جانين جي قيمت پيسن کان وڌيڪ آهي، سمورا فيصلا 17 جنوري واري اجلاس ۾ ڪري وينداسين.