ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
سينيٽ ۽ عام چونڊون وقت کان اڳ ٿيندي نظر اچن پيون، حڪومت اسان ٺاهينداسين، نواز شريف اپوزيشن ۾ هوندو: آصف زرداري

نوابشاهه(رپورٽ: ذولفقار علي خاصخيلي/مشرف ڀٽي) اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري نوابشاهه پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽرمپ جو بيان اهو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستان جي خارجه پاليسي ڪمزور آهي ۽ اسان جو ملڪ ڪيترن ئي مشڪلن ۾ آهي ان ڪري اسان کي آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نواز شريف انشاالله اپوزيشن ۾ هوندو ۽ جيڪا نئين حڪومت هوندي اها خارجه پاليسي بهتر ٺاهيندي، هن چيو ته آمريڪا جي ايڊ بند ٿيڻ سان ڪو خاص فرق اسان تي نه پوندو، هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو ڪوبه ذڪر نه آهي انهيءَ ڪري چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان بلوچستان جي حڪومت کي ڪيرائي سگهان ٿو ته پوءِ پنجاب جي حڪومت کي به ڪيرائي سگهان ٿو پر وفاقي گهرو وزير جو اهو بيان غير ذميواراڻو آهي، هن چيو ته قصور واقعو ننڍي ميان جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي ۽ معصوم زينب بي بي کان اڳ به ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن سان زيادتي ٿي جنهن جي ڊي اين اي به ساڳئي ملزم جي ٿي هئي پر پوليس ملزم کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي، هن چيو ته وزير اعظم کي ايئر بلو جي ته خبر آهي پر سنڌ جي آبادگارن جي مسئلن جي ڄاڻ ناهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته جيڪي زائرين روڊ رستي ڪربلا وڃن ٿا انهن کي اسان 30 سيڪڙو جي ٽڪيٽ تي هوائي جهاز ۾ موڪلينداسين، هن چيو ته روهڙي ڪينال کي بند ڪرڻ سان 26 لک ايڪڙ زمين سُڪي رهي آهي پر نيب روهڙي ڪينال کي بندي کان اڳ ۾ بند ڪيو آهي جنهن کي اسان ڪجھ به نٿا ڪري سگهون پر پوءِ به منهنجي ڪوشش آهي ته روهڙي ڪينال ۾ جلد پاڻي ڇڏيو وڃي، هن چيو ته منهنجون ڪي به شگر ملون نه آهن ۽ ڪمند جي اگھ جو مسئلو وفاقي حڪومت ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت اڳئين سال به پنهنجي سبسڊي آبادگارن کي ڏئي ڇڏي هئي ۽ هن سال جي به سنڌ بينڪ ۾ سبسڊي جمع ڪرائي ڇڏي آهي پر وفاقي حڪومت سبسڊي نٿي ڏئي انهيءَ جي ڪري ڪمند جو مسئلو ٿيو آهي، هن چيو ته سي پيڪ منصوبي سان اسان جو ملڪ ترقي ڪندو ۽ ان منصوبي کي مڪمل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان طاهرالقادري سان انهيءِ ڪري گڏ ٿيا آهيون جو اُتي 14 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ۽ 100 ماڻهن کي معذور ڪيو ويو جن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي انهن جي انصاف لاءِ اسان طاهر القادري سان گڏ آهيون، هن چيو ته الطاف حسين ٽي وي تي اچي ڪونه ٿو باقي شوشل ميڊيا جي توهان کي پاڻ خبر آهي ان تي مان ڇا ڳالهايان، هن چيو ته نوابشاهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي انهيءَ جي ڪري 30 ڪروڙ واٽر سپلائي جي لائين لاءِ منظور ٿيا آهن ۽ وڌيڪ پئسا وزير اعليٰ کان وٺي نوابشاهه ۾ پيئڻ جي پاڻي بحران ختم ڪيو ويندو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نوابشاهه ۾ لب ِ گجرا واهه ٺهرايو هو جنهن کي اسان سنڀالي نه سگهياسين انهيءَ جي ڪري هاڻ جيڪي به تفريحي ماڳ جوڙبا اُهي خانگي ڪمپنين جي تعاون سان کوليا ويندا، هن چيو ته جلد نوابشاهه پريس ڪلب جي ميمبرن لاءِ پلاٽ ڏنا ويندا، جڏهن ته نوڪرين تي اسان جا ڪورٽن هٿ ٻڌي ڇڏيا آهن، هن چيو ته هڪ الڪيشن آئون نوابشاهه جي تڪ تان وڙهندس، انهيءَ موقعي تي نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذولفقار علي خاصخيلي اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي سنڌ ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو سوکڙي طور تي ڏنو ۽ نوابشاهه پريس ڪلب جي گرانٽ ۽ ميمرن جي پلاٽن جو فائيل پڻ سندس حوالي ڪيو، انهيءَ موقعي تي ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ايم پي اي سيد فصيح احمد شاهه، ضلعي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ، ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، تعلقه ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين عظيم مغل، وائيس چيئرمين خان بهادر ڀٽي، عاشق حسين زرداري ۽ ٻيا ساڻس موجود هئا.