ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
عابد شير علي جي پيءُ اسلام آباد ۾ پوليس فائونڊيشن جا پلاٽ هڙپ ڪيا: ناصر شاهه

ڪراچي (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عابد شير علي جي پيءُ اسلام آباد ۾ پوليس فائونڊيشن جا پلاٽ هڙپ ڪيا. وزير اطلاعات سنڌ چيو آهي ته نيب چوري ۾ عابد شير علي جي پيءُ کي پڪڙيو ۽ نيب ڪيس ۾ عابد شر علي جو پيءُ نااهل ٿيو. هن چيو ته عابد شير علي جي گھر جو گذر سفر واپڊا جا ٺيڪيدار پورو ڪندا آهن. عابد شير علي جي خلاف جي آئي ٽي بڻائي وڃي. ناصر حسين شاھ وڌيڪ چيو ته واپڊا جا ٺيڪيدار عابد شير علي کان سخت پريشان آهن. وزير اطلاعات سنڌ چيو ته رانا ثناءُالله عابد شير علي جي خاندان لاءِ جيڪو ڪجھ چيو آهي ته اهو سڀ ٺيڪ آهي.