ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
خوشي ٿي آهي ته جن عدالتن شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي، اڄ ان جي تعريف ڪئي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽ: ضياءَ قريشي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ ان ڳالهه جي خوشي ٿي ته جن عدالتن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي، اڄ انهن جي ڪورٽن تعريف ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو 1973ع جي آئين جو خالق هو. سندس چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 248 تحت ڇوٽ مليل هئي، پر ان جي باوجود هو ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، وڏ وزارت جو قسم کڻڻ وقت چيو هو ته سمورا مسئلا حل نه ٿي سگهندا، پر اهڙي لائين ڏئي ويندس، جنهن کان ڪوبه پوئتي هٽي نه سگهندو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر ۾ واقع جهانگير پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس عدالت ۾ نه وڃڻ جي صلاح ڏني وئي، قانوني صلاحڪارن موجب آئين جي آرٽيڪل 248 تحت چونڊيل وڏو وزير عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگھي پر عدالت کي سنڌ جي ڳڻتي هجڻ سبب پيش ٿيڻو پيو.  جيڪڏهن عوام جي ڪمن لاءِ جج صاحب هتي اچن ٿا ته اسان کي به اچڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته جج صاحبن چيو ته اسان جي ڪلهن تي چڙهي اڳتي وڌو پر مون کين چيو ته اسان هتي عوام جي ڪلهن تي چڙهي پهتا آهيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورٽ ۾ درخواستگذار پاران تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي، پر ان ۾ کوڙ حقيقتون نه هيون. اسان تسليم ڪيون ٿا ته مسئلا آهن، پر اهي ٽن چئن مهينن اندر حل ٿيڻ جوڳا ناهن. وڏي وزير چيو ته هن سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي کي ضايع قرار ڏيڻ صحيح ڳالهه ناهي. وفاق کان ڪراچي لاءِ پاڻي جي الڳ ڪوٽا رکڻ جي گهر ڪئي آهي، پر اسان جي ڳالهه نٿي مڃي وڃي. وڏي وزير سوالن جي جواب ڏيندي چيو ته (ف) ليگ وارن کي کنڊ تي رعايت ڏيڻ وارو معاملو سمجهه ۾ ناهي آيو. جن شگر ملن کي سبسڊي ملندي انهن ۾ جهانگير ترين ۽ فنڪشنل ليگ جي ماڻهن جون ملون به شامل آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 726 هنڌن تان درياهه ۽ ڪئنالن ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ جي نشاندهي ٿي آهي، جتي فلٽر پلانٽ لڳايا ويندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ڪي فور 25 بلين روپين جو منصوبو آهي، جيڪو هاڻي 33 بلين روپين جو ٿي ويو آهي. پر وفاق رڳو 3 بلين روپيا ڏنا آهن. اسان منصوبي لاءِ سمورا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان پروجيڪٽ تي ڊبليو ايف او ڪم ڪري رهيو آهي. منصوبي تي 5 بلين روپين جي لاڳت صرف ايراضي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان کي پاليسي ڏيندو آهي. منهنجي بي اختيار هجڻ وارا سوال غلط آهن، پارٽي قيادت جي پاليسي تي عمل ڪندو آهيان. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته گولڊن جوبلي يوم تاسيس واري جلسي ۾ ماڻهن کي اسان نه پر سندن جذبو وٺي آيو هو، 2018ع ۾ ٿر مان سموريون سِيٽون کٽينداسين.