ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
73ع جو آئين شهيد ڀٽو جو وڏو ڪارنامو هو، ان جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي: جسٽس ثاقب نثار

ڪراچي: پاڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته هي معاملا آئين جي تحت بنيادي حقن ۾ ايندا آهن . اختيار آهي ته ايگزيڪيوٽو ڪم درست نه ڪري ته عدالت مداخلت ڪري سگهي ٿي .چيف جسٽس چيو ته 1973ع جو آئين شهيد ذوالفقار ڀٽي جو وڏو ڪارنامو هو .ان آئين جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي .اسان ان آئين جي تحت حلف کنيو آهي .چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته وزير اعظم يا وڏو وزير هجي آئين جي خلاف ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين .اسان احسان نه ڪري رهيا آهيون پر هي اسان جي ذميواري آهي