ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
آرمي چيف سان عراقي بچاءُ واري وزارت جي ملاقات، گڏيل دلچسپي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان عراقي بچاءُ واري وزارت جي جنرل سيڪريٽري ليفٽيننٽ جرنل محمود جواد ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان عراقي بچاءُ واري وزارت جي جنرل سيڪريٽري ليفٽيننٽ جرنل محمود جواد ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران آرمي چيف ۽ جرنل محمود جواد وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل محمود جواد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاررواين جي واکاڻ ڪئي.