ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
نيب چيئرمين پاران بدعنواني جي سمورن ريفرنسز جا مڪمل تفصيل طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب ۾ هن وقت جاري 499 انڪوائرين، 287 انويسٽيگيشنز ۽ مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ 1138 بدعنواني جي ريفرنسز جا مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، نيب چيئرمين سمورن بيورز جي آپريشن ڊويزنن ۽ پراسيڪيشن ڊويزن کان رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته ان سان ان ڳالهه جو تعين ڪيو ويندو ته اهي سڀئي ڪيس ڪيتري عرصي کان جاري آهن ۽ طئي ٿيل مدي اندر انهن جا ريفرنس داخل ڇو نه ڪيا ويا ۽ لاڳاپيل آفيسرن خلاف قانون موجب ڪهڙي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. واضح رهي ته احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ 1138 بدعنواني جا ريفرنسز آهن جن جي جلد ٻڌڻي لاءِ نيب پاران عدالتن کي درخواست ڪئي ويندي ته جيئن بدعنوان عنصرن کان قوم جي ڦريل تقريبن 9 سئو ارب روپين جي رقم وصول ڪري سگهجي.