ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
آمريڪي صدر پاران سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو اعلان، پاڪستان طرفان سخت مخالفت

واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته والاريل بيت المقدس ڪامياب جمهوريتن جي دل آهي، هتي اسرائيل پارليامينٽ موجود آهي، هتي سڀني مذهبن جا ماڻهو بهتر زندگي گذاري سگھن ٿا. هن وقت دنيا کي نفرت نه پر بردباري جي ضرورت آهي، سڀني مذهبن ۽ قومن کي گڏيل احترام جي بنياد تي اڳتي وڌڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪجھه آمريڪي صدرن چيو ته هنن ۾ سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي همت ناهي، پر والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ پنهنجو سفارتخانو تل ابيب مان بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته فيصلي خلاف ڪيترن ئي ملڪن طرفان مخالفت ڪئي وئي آهي، اسان ان کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ٻئي پاسي پاڪستان آمريڪي فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي، پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا طرفان پنهنجو سفارت خانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ سان رتو رت مسلمان امرت کي وڌيڪ هڪ زخم ملندو. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ هن چيو ته سفارتخانو منتقل ڪري آمريڪا عملي طور تي والاريل بيت المقدس جي حيثيت تبديل ڪندو ۽ ٻن رياستن جو حل دفن ٿي ويندو.  هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي قدم سبب فلسطيني ۽ مسلم دنيا مڇرجي پوندي.