ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
سنڌ جي عوام کي صاف پاڻي ڇو نٿو ملي، مسئلو سنگين آهي، ذميوارن کي نه ڇڏينداسين: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽ: ضياءَ قريشي) سپريم ڪورٽ سامونڊي گدلاڻ جي حوالي سان سنڌ سرڪار کان لکت ۾ مڪمل پلان گهري ورتو آهي، جڏهن ته صاف پاڻي ڏيڻ ۽ سيوريج جي ٽريٽمنٽ جي حوالي سان 15 ڏينهن ۾پلان جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .محمود آباد ٽريٽمنٽ پلانٽ جي زمين رهائش جي لاءِ استعمال ڪرڻ تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کان مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ عدالت کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي قانون جي تحت زمين الاٽ ڪئي وئي آهي   چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي  ته سنڌ جي صورتحال تي افسوس آهي ۽ اسان ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ،جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجادعلي شاهه تي ٻڌل  ٽي رڪني بينچ سنڌ  ۾ پئيڻ جوصاف پاڻي نه ڏيڻ  ۽ پاڻي جي نيڪالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .ٻڌڻي جي دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ،چيف سيڪريٽري سنڌ ،صحت جو سيڪريٽري،ماحوليات کاتي جو سيڪريٽري ،آبپاشي جو سيڪريٽري،صنعت کاتي جو سيڪريٽري،مڪاني کاتي جو سيڪريٽري ،گهرو کاتي جي سيڪريٽري ، ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال،ايم ڊي واٽر بورڊ،پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ،ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ،وفاقي پلانگ ڪميشن جي سيڪريٽري ، پي ايس پي جو انيس قائم خاني ،رضا هارون ۽ ڊاڪٽر صغيرسميت ٻيا آفيسر پيش ٿيا . عدالت جي ڪمري ۾ خراب پاڻي بابت درخواستگذار شهاب اوستو طرفان پيش ڪيل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. دستاويزي فلم ڏسڻ وقت وڏي وزير چيو ته آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، معزز عدالت مون کي ڪجهه چوڻ جي اجازت ڏئي جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته توهان کي موقعو به ڏينداسين ۽ ٻڌنداسين به. دستاويزي فلم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، چيف جسٽس  آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته سي ايم صاحب دستاويزي فلم ڏسي احساس ٿيندو آهي، ڇا توهان کي ناهي ٿيندو؟ چيف جسٽس چيو ته هن زمين تي سڀ کان وڏي نعمت ئي پاڻي آهي ۽ شاهه صاحب اسان ماڻهن کي صاف پاڻي به ناهيون ڏئي رهيا، ان ڪيس کي مخالفاڻو نه ورتو وڃي، اسان وڏي عزت ۽ احترام سان توهان کي گهرايو آهي.چيف  جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جتي چئو اتي وڃي ان پاڻي جي هڪ هڪ بوتل پيئون ٿا، جيڪڏهن توهان چئو ته آئون ۽ توهان به مٺي وڃي ندي مان هڪ گلاس پاڻي پيئون. چيف جسٽس وڏي وزير کان پڇاڻو ڪيو ته اسان ۽ توهان گڏجي مسئلي جي حل لاءِ ڳولها ڪيون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جي مدد جي ضرورت آهي ته اسان کان مدد وٺو. چيف جسٽس آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجن ٻارن جيان آهي ۽ هو ڏسي ته لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پي رهيا آهن، خواهش هئي ته بلاول به هتي هجي ها ۽ صورتحال ڏسي ته ان کي به خبر پوي ها ته لاڙڪاڻي جي ڪهڙي صورتحال آهي. ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب چيو ته توهان کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام چونڊيو آهي، انتظاميا جي ناڪامي کان پوءِ ماڻهو عدالتن ڏانهن منهن ڪندا آهن، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ڪو به معاملو عدالت تائين نه آيو.جسٽس فيصل عرب وڌيڪ چيو ته عدالت کي انتظاميا جي اختيارن کي استعمال ڪرڻ ڪابه شوق نه آهي . عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي موجود سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪا ويڊيو عدالت ۾ ڏيکاري وئي آهي اها درخواستگذار جي بڻايل آهي،  صورتحال ايتري سنگين ناهي، موقعو مليو ته جلد سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ويڊيو پيش ڪندس. جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان  چيو ته شاهه صاحب توهان ان ويڊيو کي ڇڏيو پر ڪميشن جي رپورٽ به ڏسي وٺو ۽ ان جي سنگيني جو جائزو وٺو، ڪميشن جي رپورٽ مسئلي جي حل تائين پهچڻ جو ذريعو آهي ۽ رپورٽ ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي ان کان مدد وٺو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان  ريمارڪس ڏنا ته جيڪا ويڊيو ڪورٽ ۾ ڏيکاري وئي آهي ميڊيا جا نمائندا پنهنجن پنهنجن چينلن تي ڏيکارين ته جيئن عوام کي خبر پئي، سپريم ڪورٽ پنهنجا ڪلها توهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر شاهه صاحب توهان کي به ڪم مڪمل ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻي پوندي، توهان هن قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيو، علم، ليڊر شپ ۽ قانون تي عمل ڪندڙ قومون کي ڪامياب ٿينديون آهن. ماضي ۾ جيڪو اسان ٻئي مرحلي ۾ ذميوارن جي ڳولا به ڪنداسين، پيئڻ جو صاف پاڻي صوبائي معاملو آهي، توهان ئي حل ڪندا، شاهه صاحب ٻڌي ڇڏيو ته هاڻ اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن خراب پاڻي کان ڇوٽڪارو نه ڏياريو ويو ته پنهنجن ٻارن کي ڪهڙو مستقبل ڏينداسين. چيف جسٽس آف پاڪستان  پڇاڻو ڪيو ته توهان اسان کي حل ٻڌايو ته مسئلي جو حل هڪ هفتي ۾ ٿيندو يا 10 ڏينهن ۾، پوءِ اسان سڀئي گڏجي ان تي ڪم ڪنداسين ۽ انشا الله 6 مهينن ۾ اهو مسئلو حل ٿي ويندو، اسان کي جواب ڏيڻو آهي اها اسان جي ذميواري آهي جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته 6 مهينن ۾ اهو ڪم مڪمل نٿو ٿي سگهي. چيف جسٽس آف پاڪستان  ريمارڪس ڏنا ته توهان وقت گهرندا ته اسان وقت ڏينداسين، توهان جو به ڪي ذميواريون آهن، ڇا اسان کي ناهي خبر ته مائٽن مٽن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن، پر اسان انهن چڪرن ۾ ناهيون پوندا، اسان کي پلان ٻڌايو، عدالت سهڪار ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته چونڊجڻ کان پوءِ طئي ڪيو ته ڪجهه مثال قائم ڪندس، قطار سڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، يقين ٿو ڏياريان ته توهان کي ڪم نظر ايندو پر عدالت کان وقت ڏيڻ جي اپيل آهي.  چيف جسٽس وڏي وزير کي چيو ته اهو طئي آهي ته مسئلو حل ٿيڻو آهي، اسان نٿا چاهيون ته اختيار هجن ته حڪومت تي چڙهائي ڪيون، غير جانبداري سان عوامي مفادن لاءِ آئين ڪردار ادا ڪيو، جڏهن به خال پوندو، عدالت پاڻ خال ڀريندي، بد ديانتي جو ثبوت ته توهان جيڪو چوندا ان کي سچ قبول ڪنداسين. سنڌ ۾ ڪير ڪير ذميوارين تي رهيو اهو اڃان ناهي ڏٺو، پر جيڪي به ذميوار رهيا، انهن کي ڇڏبو نه. عدالت کي لکت ۾ ڏيو ته اهي مسئلا ڪڏهن ۽ ڪيئن حل ٿيندا. وڏي وزير چيو ته اسان حڪمت عملي طريقي، مالياتي وسيلن بابت عدالت کي ٽائم فريم ڏينداسين.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته سال ۾ سنڌو درياءَ مان ڪهڙو پاڻي سمنڊ ۾ ويندو آهي .توهان ان پاڻي کي ڪراچي عوام لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهيو ..چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته شاهه صاحب توهان ان معاملي جي خلاف ايڪشن کڻو .وڏي وزير چيو ته واٽر ٽرٽمينٽ پلانٽس جي حوالي سان ميڊيا غلط خبرون کي هلائي رهيو آهي .وڌيڪ ٽريٽمنٽ پلانٽس فعال آهن .ٿرپارڪر جي سموران سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي .جسٽس فيصل عرب رمارڪس ۾ چيو ته توهان پنهنجي ڪاميابي جي پريس ڪانفرنس ۾ بيان ڏنو اسان کي ٻڌايو وڃي عوام کي صاف پاڻي ڇو نه ملي رهيو آهي ،چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته شاهه صاحب توهان عدالت ۾ گهرائڻ جو مقصد سنگيني جو اندازو ڪرڻ آهي .سنڌ ۾ جتيسائين عوام کي صاف پاڻي نه ملندو ۽ سمنڊمان آلودگي ختم نه ٿيندي اسان توهان عدالت ۾ طلب ڪندا رهنداسين .چيف جسٽس چيو ته توهان کان اسان لکت بيان وٺنداسين .اگر لکت ۾ اسان کي جواب ڏيڻ تي عمل نه ٿيو ته ان جا نتنجا ڇاهوندا هو توهان پنهنجي قانوني ٽيم کان  پڇو .چيف جسٽس وڏي وزير کان پچاڻو ڪيو ته توهان پنهنجي گهر ۾ رهندا آهيو يا وڏي وزير جي هائوس ۾ .وڏي وزير جواب ڏنو ته مان ڪينٽونمنٽ ايريا۾ رهندو آهيان ۽ پاڻي ٽينڪر کان گهرائيندو آهيان .چيف جسٽس چيو ٽينڪر ڪيترن رپين جو هوندو آهي .عدالت ۾ موجو د سموران ماڻهن چيو ته 5 کان 8 هزار جو واٽر ٽينڪر ملندو آهي .چيف جسٽس چيو ماشاالله 18 هين ترميم کان پوءِ صحت تعليم سڀ صوبي کي منتقل ٿي ويا آهن . و توهان جي ذميواري نه آهي . شاهه صاحب ڪراچي عوام جي ٽينڪرز مان جان ڇڏايو .جيڪو پاڻي 120 رپيا ۾ خريدڪيو ويندو آهي هو منرل واٽر آهي .وڏي وزير چيو ته 73 سيڪڙوشيخوپوره ۽ توهان جي شهر لاهور ۾ 100سيڪڙو آرسينڪ آهي .هن چيو ته سرگودها ۾ 88سيڪڙو، ڪوئٽيا۾ 60 سيڪڙو پاڻي گندو ملندو آهي .چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسان کي لڳي رهيو آهي ته توهان اسان کي سنگل آئوٽ ڪري رهيا آيو .امتيازي سلوڪ جي شڪايت هنن صوبن کي ڪرڻ گهرجي پر اسان توهان جي رهمنائي ڪري رهيا آهيون اسان کي هي سلسلو شروع ڪرڻو هو پر اتفاق آهي ته شروع سنڌ سان ٿيو آهي .واٽر ٽينڪر سان اسين به متاثر آهيون .وڏي وزير چيو ته مان ايگزيڪيوٽو جي حيثيت سان  فرائض اداڪري رهيو آهيان .. ان موقعي تي جسٽس سجادعلي شاه چيو ته محمود آباد ٽريٽمنٽ پلانٽ جي زمين سٽي ڪونسل کي به ڏيڻ جو اختيار نه آهي . عدالت محمودآبادٽريٽمنٽ پلانٽ تي وڏي وزير کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي