ڪراچي ۾ ڪنهن به جماعت کي ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺاهڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز****فاٽا سڌارن جو بل واپس وٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج جاري****پاڪستان ڪلڀوشڻ يادو ڪيس ۾ ڀارتي موقف رد ڪري ڇڏيو****بيت المقدس کي فلسطيني گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو وڃي: او آءِ سي
ايشز جي ٻئي ٽيسٽ ۾ به ڪينگروز ڪامياب، گورا هٿ مليندا رهجي ويا

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) ايشز جي ٻئي ٽيسٽ ۾ به ڪينگروز ڪامياب، گورا هٿ مليندا رهجي ويا، ايڊيليڊ ۾ ٻئي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 354 جو ٽارگيٽ مليل هو پر پوري انگلش ٽيم صرف 233 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلش ڪپتان جوئي روٽ 67 اسڪور ڪري نمايان رهيو، ان کان علاوه ڪو بيٽسمين ٻوٽو نه ٻارري سگهيو، مچل اسٽارڪ 5 شڪار ڪيا، ان کان اڳ آسٽريليا پهرين اننگ ۾ 442 ۽ ٻي اننگ ۾ 138 اسڪور ڪيو، جڏهن ته انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 227 ۽ ٻي اننگ ۾ 233 تي آئوٽ ٿي، اهڙي ريت آسٽريليا ٻي ٽيسٽ به 120 رنسن تان کٽي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، شان مارش کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.