پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
جيڪڏهن نيب جو ڪارو قانون آهي ته پارلياميٽ ۾ ترميم ڇو نه ڪئي وئي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

 ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نئب عدالت پاران ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ جي خلاف اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل مميڻ ،بشارت مرزا ،خالد رحمان ،اقبال زيڊاحمد ۽ انعام اڪبر سميت ٻين جون درخواستون دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ رد ڪري ڇڏيون آهن .عدالت چيو آهي ته ان ڪيس جو تقصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو .عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران شرجيل ميمڻ جي وڪيل فاروق نائيڪ پنهنجا دليل ڏيندي چيو آهي ته جنهن ڏينهن ريفرنس داخل ڪيو ويو هن ڏينهن وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا ويا آهن .هن چيو ته جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي نئب جو قانون الگ آهي جڏهن ته سنڌ جي نئب جو قانون الگ آهي .ايدووڪيٽ فاروق نائيڪ چيو ته نئب قانون جي تحت انڪوائري جي دوران عدالت وارنٽ جاري نٿي ڪري سگهي .هن چيو ته نئب کي گرفتاري سان گڏ ضمانت جاري ڪرڻ جو به اختيار نه آهي .هن چيو ته سنڌ احتساب عدالتن کي براه راست ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي .هن چيو چيئرمين نئب شرجيل ميمڻ سميت ٻين جي گرفتاري جا وارنٽ جاري نه ڪيا ته پوءِ گرفتاري ڇو ڪئي وئي .هن چيو ته پرويز مشرف نئب جو ڪارو قانون ڪڍيو ،جڏهن ته نئب جي قانوني حيثيت ختم ٿي وئي آهي .ايڊووڪيٽ فاروق نائيڪ چيو ته اڳوڻي صدر زرداري هڪ ڪيس ۾ آزاد ٿيو ته ٻئي ڪيس ۾ گرفتارڪيو ويو .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته نئب جي چئيرمين جي اختيارن ۾ ڪهڙيون پيچيدگيون آهن .ايڊووڪيٽ فاروق نائيڪ چيو ته نئب قانون جي تحت انڪوائري ۽ انوسٽي گيشن جي دوران جوابدارن جي طلبي جا نوٽيس تي پيش ٿيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار نه آهي .هن چيو ته نئب جي چئيرمين جوابدار کي نه گرفتار ڪري سگهي ٿو نه حڪم ڏئي سگهي ٿو .هن چيو ته جوابدار جي خلاف ثبوت موجود هجڻ تي پوءِ گرفتاري جو حڪم جاري ڪري سگهجي ٿو .هن چيو ته نئب آرڊيننس مشرف جي آمريت ۾ لاڳو ڪيو ويو هو .هن چيو ته نئب آرڊيننس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي اختيار نه آهي ته جوابدارن کي ضمانت ڏئي ان ڪري هي ڪارو قانون آهي .عدالت چيو ته اگر هي ڪارو قانون آهي ته هن ۾ پارليمنٽ ترميم ڇو نه ڪئي وئي .فاروق نائيڪ چيو ته ترميم ڪرڻ لاءِ 2013ع ۾ اسٽيڊنگ ڪميني کي موڪليو ويو پر حڪومت جو وقت ختم ٿي ويو ،  .هن چيو ته شرجيل ميمڻ کي ملڪ اچڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو جيڪو غير قانوني آهي .جڏهن ته نئب جي پراسيڪيوٽر وقاص قديرڊار پنهنجي دليل ۾ چيو ته نئب قانون جي تحت ريفرنس داخل ٿيڻ ضمانت نه ٿيڻ وارو ڏوهه آهي .هن چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي ته نئب عدالت ضمانت کان اڳ گرفتاري جا وارنٽ يا ضمانت کان پوءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري نٿي ڪري سگهي .هن چيو ته هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جو معاملو الگ آهي هو ضمانت تي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي .نئب جي پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته احتساب عدالت اسلام آباد پاران ڪيپٽن صفدر کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ کان پوءِ جوابدارن جون درخواستون رد ڪندي چيو آهي ته هن ڪيس جو تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو