پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طبيعت جي ناسازي سبب اجلاس ۾ نه اچي سگهيو 

ڪراچي: پ پ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طبيعت جي ناسازي سبب ڪالهه اجلاس ۾ نه اچي سگهيو  جيڪو گذرين ٻن ڏينهن کان چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهي، ڊاڪٽرن جيل ۾ شرجيل ميمڻ جو چيڪ اپ ڪيو ۽ ضروري ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون، شرجيل ميمڻ پهريان به لنڊن ۽ دبئي ۾ ان تڪليف سبب علاج هيٺ رهيو آهي. گذريل ڏينهن تي رات جو شرجيل ميمڻ جي سينٽرل جيل ۾ طبيعت اوچتو خراب ٿي جنهن سبب جيل انتظاميه هنگامي طور تي ڊاڪٽرن کي گهرايو جڏهن ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي پاران شرجيل ميمڻ کي اجلاس ۾ روزانو آڻڻ جو حڪم جاري ٿيل آهي.  شرجيل ميمڻ کي هڪ نومبر کان جاري سنڌ اسيمبلي سيشن ۾ روزانو آندو ويندو آهي پر ڪالهه سندس طبيعت جي ناسازي سبب اجلاس ۾ ڪونه آندو ويو.