پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
افغان سرحد وٽان حملي ۾ ڪيپٽن سميت 2 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي، 10 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) باجوڙ ايجنسي ۾ افغان سرحد وٽان دهشتگردن پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن ۽ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جيڪي افغانستان طرف فرار ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ ايجنسي ۾ سرحد پار افغانستان مان دهشتگردن پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن جنيد حفيظ ۽ سپاهي رحم شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج طرفان دهشتگردن جي حملي تي ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ 8 کان 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد افغانستان طرف فرار ٿي ويا. ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي وزارت واقعي جي سخت مذمت ڪندي افغانستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان جي سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، افغان سرحد وٽان پاڪستاني حدن ۾ دراندازي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.