پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
سپريم ڪورٽ جو حراستي مرڪزن ۾ قيد بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن حراستي مرڪزن ۾ ڪو بيگناهه قيد آهي ته ان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ڏوهارين کي ضرور سزا ڏني وڃي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي حڪومتي وڪيل ساجد الياس ڀٽي چيو ته حراستي مرڪزن جي معاملي جو تعلق گهرو وزارت ۽ قبائلي علائقن سان آهي، قبائلي علائقن ۾ قائم فعال حفاظتي مرڪزن جي رپورٽ اڃا تائين ناهي ملي جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته آخري ٻڌڻي تي اسان گم ٿيل ماڻهن جي پونئيرن کي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي باقي بيگناهه ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. جڏهن ته طارق اسد ايڊووڪيٽ چيو ته راجنپور مان ڪجهه ماڻهن کي کڻي سيوهڻ شريف جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اي ڊي خواجه مداخلت ڪري هڪ شخص کي سيوهڻ شريف واري خودڪش حملي ۾ ڦاسائڻ کان بچايو. گم ٿيل ماڻهن مان هڪ ڄڻي جي والد عدالت کي ٻڌايو ته آئون پنهنجي پٽ جي ٻارن سان ڪوڙ ڳالهائي تنگ اچي ويو آهي، منهنجو وڏو ڀاءُ سيد علي گيلاني جو سيڪريٽري آهي، عدالت حراستي مرڪز ۾ قيد تاسف ملڪ جي پنهنجي گهروارن سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته جسٽس اعجاز افضل پڇيو ته اسان کي چٽو چٽو ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي ڇو کنيو ويندو آهي ۽ الزام ڪهڙو هوندو آهي، گذريل ٻڌڻي تي به اسان رپورٽ گهري هئي جڏهن ته جوابدارن کي قانون موجب ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته اسان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي حل لاءِ ٺوس حل ڳولي رهيا آهيون ۽ ڏسون ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪيئن نه ٿو ٿئي. جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.