پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
شريف خاندان جي اتفاق ٽيڪسٽائل ملز کي 15 ڊسمبر تائين نيلام ڪرڻ جو حڪم

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ڪمرشل بئنڪ جي درخواست تي شريف خاندان جي اتفاق ٽيڪسٽائل ملز کي 15 ڊسمبر تائين نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شاهد ڪريم مسلم ڪمرشل بئنڪ جي شريف خاندان جي ملز نيلام ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. بئنڪ جي وڪيل دليل ڏيندي ٻڌايو ته نواز شريف جي ويجهي عزيز زمين جو ٽڪرو گروي رکي قرض حاصل ڪيو، قرض جي عدم ادائيگي تي اتفاق ٽيڪسٽائل ملز کي 2000 ۾ ڊفالٽر قرار ڏنو ويو. بئنڪ جي وڪيل چيو ته ٽيڪسٽائل ملز جي مالڪن ڪاروبار لاءِ قرض حاصل ڪيو، ڊفالٽرن هارون يوسف، يوسف عزيز، ڪوثر يوسف، سائره فاروق، عائشه هارون قرض لاءِ گارنٽي ڏني، ڊفالٽر اتفاق ٽيڪسٽائل ملز خلاف 2016ع ۾ 25 ڪروڙ 33 لک 64 هزار جي ڊگري به حاصل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عدالتي ڊگري کانپوءِ اتفاق ٽيڪسٽائل ملز مالڪن 14 ڪروڙ 32 لک 69 هزار ادا ڪيا، ڊفالٽر  ڊگري جي بقايا 11 ڪروڙ 95 هزار جي رقم ادا نه ڪئي آهي. بئنڪ جي وڪيل درخواست ڪئي ته رقم جي رڪوري لاءِ اتفاق اڏي تي قائم اتفاق ٽيڪسائل ملز کي نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت بئنڪ جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شريف خاندان جي اتفاق ٽيڪسٽائل ملز کي 15 ڊسمبر تي نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.