پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
جسٽس آصف سعيد جو حديبيه پيپرز ملز ڪيس کولڻ جي اپيل ٻڌڻ کان انڪار، بئنچ ٽٽي ويو، معاملو چيف جسٽس حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس آصف سعيد کوسا حديبيه پيپرز ملز ڪيس کولڻ جي اپيل ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، بئنچ جوڙڻ جو معاملو ٻيهر چيف جسٽس جي حوالي ٿي ويو آهي جڏهن ته جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته مون حديبيه پيپرز ۽ اسحاق ڊار بابت اڳ ۾ ئي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس آصف سعيد کوسا اپيل ٻڌڻ کان معذرت ڪندي چيو ته اهو معاملو چيف جسٽس ٻڌي ۽ جسٽس آصف سعيد کوسا پاران انڪار ڪرڻ تي لارجر بئنچ ٽٽي ويو ۽ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي وئي آهي ۽ نئين بئنچ جوڙڻ جي درخواست چيف جسٽس کي موڪلي وئي آهي ۽ نيب ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي مقرر ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته رجسٽرار آفيس ڪيس غلطي سان بئنچ جي سامهون هڻي ڇڏيو آهي، شايد رجسٽرار آفيس پاناما ڪيس تي منهنجو فيصلو ناهي پڙهيو. پنهنجي فيصلي ۾ حديبيه پيپرز ڪيس کولڻ فيصلو ڏئي چڪو آهي، رجسٽرار آفيس کي اهو ڪيس اسان جي بئنچ آڏو نه هڻڻ گهرجي ها. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته پاناما ڪيس ۾ نيب چيئرمين کي به گهرايو ويو هو باقي ججن جي فيصلن بابت ڪجهه نه چوندس پر مون پنهنجي فيصلي ۾ حديبيه پيپرز ڪيس بابت 14 پيراگراف لکيا آهن، اسحاق ڊار جي حوالي سان ڪنهن حد تائين فيصلو ڏئي چڪو آهي، اسحاق ڊار پهرين جوابدار هو پوءِ سلطاني شاهد بڻجي ويو، مون پاناما ڪيس ۾ پنهنجي فيصلي ۾ اسحاق ڊار جي خلاف نيب کي ڪارروائي ڪرڻ جو چيو هو. واضح رهي ته نيب شريف خاندان جي خلاف حديبيه پيپرز ملز ڪيس کي ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي ۽ سپريم ڪورٽ حديبيه پيپرز ملز ڪيس ٻيهر کولڻ جي اپيل لاءِ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ بئنچ جوڙي هئي ۽ ان جو سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا هو پر جسٽس کوسا اها اپيل ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.