پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ نين تڪبندين جي منظوري، وفاق سنڌ جو رڪارڊ جاچڻ وارو مطالبو تسليم ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وفاقي حڪومت سنڌ جا سمورا مطالبا تسليم ڪندي شروعاتي انگن اکرن تحت نيون تڪبنديون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي مطالبي تحت کيس رڪارڊ تائين پهچ ڏني ويندي جڏهن ته پيپلزپارٽي تڪبندين بابت وفاقي حڪومت جي بل جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت آدمشماري جا انگ اکر خدشا ختم ٿيڻ کانسواءِ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آدمشماري جا نتيجا تيستائين قبول نه ڪنداسين جيستائين اسان جا خدشا ختم نه ٿا ٿين. هن چيو ته اهو سڄو معاملو وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري ٿيو آهي، جيڪڏهن اهي شيون اڳ ۾ ڪيون وڃن ها ته ايستائين مسئلو پيدا نه ٿئي ها. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به جمهوريت کي پٽڙي تان لهڻ ۽ چونڊن ۾ دير ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته هڪ سيڪڙو بلاڪ جي انگن اکرن جي تصديق ڪنهن ٽئين ڌر کان ڪرائي وڃي. هن چيو ته آدمشماري جي حوالي سان عوام جا خدشا ختم ڪيا وڃن. هن چيو ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ خاطر آئين ۾ ترميم تي راضي ٿيا آهيون ۽ پيپلزپارٽي نئين تڪبندين بابت حڪومتي بل جي حمايت ڪندي. جڏهن ته حڪومت پيپلزپارٽي جا سمورا مطالبا تسليم ڪندي رڪارڊ جي چڪاس لاءِ سنڌ حڪومت کي ان تائين پهچ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل شروعاتي نتيجن تي تڪبنديون ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، آدمشماري جي سمورن بلاڪن جي ڳڻپ جي ڀيٽ نه ڪئي وڃي، هڪ سيڪڙو بلاڪن جي قرعه اندازي وسيلي نئين سر آدمشماري ڪرائي ويندي ۽ اهو ڪم شماريات ڊويزن ٿرڊ پارٽي وسيلي ڪرائيندي ۽ سمورا صوبا تڪبندين جي شروعاتي نتيجن کي تسليم ڪرڻ تي متفق آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت آئيني بل جي حمايت ڪئي آهي. سنڌ ۾ مخصوص بلاڪن جي ٿرڊ پارٽي وسيلي تصديق ڪرائي ويندي. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي مطالبي تي هڪ سيڪڙو بلاڪس جي تصديق ڪرائي ويندي.