پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز به جادوگرياڻي جي آشيرواد سان کٽينداسين: چنديمل

ڪلڪتا(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي ڪپتان دنيش چنديمل چيو آهي ته ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز به جادوگرياڻي جي آشيرواد سان کٽينداسين، ملڪ مان روانگي کان اڳ جادوگرياڻي وٽ آشيرواد وٺڻ ويو هئس، هن ڪاميابي جو يقين ڏياريو آهي، هاڻي اسان جون نظرون صرف ڀارت کي سندس ملڪ ۾ هارائڻ تي آهن، ڀارتي ٽيم پنهنجي ملڪ ۾ مضبوط حريف آهي پر اسان کي پنهنجي صلاحيتن ۽ جادوگرياڻي جي آشيرواد تي يقين آهي، ڀارت خلاف 5 بالرن واري حڪمت عملي اختيار ڪنداسين، بيٽنگ ۾ ڪجهه خاميون آهن پر بالنگ سٺي ٿي ته ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي سگهون ٿا.