پاڪستان ۾ مرچن جي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪانفرنس****پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون مري رهيون آهن: ڪائرا****ڪنهن کي ڊيڄاري پارٽي ۾ آڻڻ جو ڪو شوق ناهي: مصطفيٰ ڪمال****تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي کليل حمايت ڪري ڇڏي
ماضي جي ڪامياب جوڙي انيل ڪپور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ ٻيهر گڏجي ويا

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ 17 سال بعد ٻيهر گڏ نظر ايندا، ماضي جي ڪامياب جوڙي ٻيهر وڏي پردي تي جلوه ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، ڌمال سيريز جي ٽئين فلم ”ٽوٽل ڌمال“ ۾ انيل ڪپور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، فلم ۾ انيل ڪپور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ جا رومانوي منظر پڻ شامل هوندا، ان سلسلي ۾ هدايتڪار اندرا ڪمار چيو آهي ته انيل ڪپور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ جي جوڙي جو گڏجڻ مداحن لاءِ خوشي جي خبر آهي، فلم ۾ ٻنهي جو ڪردار پريمين جو هوندو، جيڪي وڇڙيل پيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، فلم جي ڪهاڻي بهترين آهي، مداحن کي پسند ايندي.