والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
نئين نيب چئيرمين مان وڏي اميد آهي،اڳوڻو چئيرمين نواز شريف جو ماڻهو هو: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽرعاصم سميت ٻين جي خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران ڊاڪٽر عاصم سميت ٻيا پيش ٿيا .عدالت ۾ نئب پاران هڪ خانگي بينڪ جي شاهد محمد اڪرم کي پيش ڪيو ويو .ڪاغذن کي درست انداز ۾ پيش نه ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي دير ڪرڻ جا حربه استعمال ڪيا پيا وڃي .ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل چيو ته اهڙي طرح ڪيس هلندو ته اسان هليا وينداسين .نئب پاران جيڪو شاهد پيش ڪيو ويو آهي هن ڪاغذن جون فوٽو ڪاپيون ڏينون آهن .شاهد ڊاڪٽر عاصم جي گهرواري ،نياڻي ۽ ضياالدين ٽرسٽ جي اڪائونٽ جو رڪارڊ پيش ڪيو آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .ٻڌڻي کان پوءِ ڊاڪٽر عاصم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي وڏن هڪ سبق پڙهايو آهي ته هو پاڪستاني آهي .نواز شريف مون سان جيڪو آهي هو غلط آهي .نواز شريف جو نالو اي سي ايل شامل نه آهي .اسان کي نئين نئب جي چئيرمين کان وڏي اميد آهي .هن چيو ته پهرين نئب جو چئيرمين نواز شريف جو ماڻهو هو .