والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
ڪراچي جون ٻهراڙيون شهر جي سونهن آهن، ترقي لاءِ سمورا وسيلا قطب آڻيداسين: ناصر شاهه

ملير (رپورٽ: محمود گھوٽو) ڪراچي جون ٻهراڙيون شهر جي سونهن آهن. سندن ترقي لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا ويندا، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي مدد لاءِ هميشه ساڻن گڏ هوندس. ضلع ڪائونسل جي 38 يونين ڪائونسلن جي بجيٽ وڌائڻ لاءِ ذاتي طور وڏي وزير سان ڳالهائيندس. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ضلع ڪائونسل ڪراچي جي دوري مهل ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ضلع ڪائونسل ڪراچي شهر جي اڌ آبادي کان به وڌيڪ رهائش پذير عوام جي خدمت ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان جا نمائندا ڪراچي جي عوام جي خدمت تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته مان سلمان عبدالله مراد، وائيس چيئرمين رفيق دائود جت ۽ سمورن ميمبرن کي جس ڏيان ٿو جن محدود  وسيلن ۽ بجيٽ جي باوجود عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪري رهيا آهن. جيڪو عمل تعريف لائق آهي. هن چيو ته ضلع ڪائونسل ڪراچي جي بجيٽ ۾ اضافي ۽ يونين ڪائونسل کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ وڏي وزير سان ڳالهائيندس. هن چيو ته پي پي حڪومت هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي. مخالف ڀلي ڪيتري به پروپيگنڊا ڪن پر اسان پنهنجي ڪم سان سوڀارا ٿينداسين. جيڪي پي پي کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي 2018 جي اليڪشن ۾ اسان جي حيثيت جي خبر پئجي ويندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مڪاني نظام اڃا نئون آهي ان جي افاديت آهستي آهستي پڌري ٿيندي. ان کان اڳ ضلع ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين سلمان مراد، وائيس چيئرمين رفيق جت۽ ميمبرن ا ختر يوسف عارفاني مير عباس ٽلپر  سندس ضلع ڪائونسل جي اچڻ تي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس گلدسن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ مسئلن کان تفصيلي طرح آگاهي ڏني.