والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿئي، ڪٿي پوليس اهلڪار کيس وٺي نه وڃن: خورشيد شاهه

اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان کي صلاح ڏيان ٿو ته هو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي وڃي ڪٿي پوليس جا سپاهي کيس جهلي اليڪشن ڪميشن آڏو وٺي نه وڃن، پارليامينٽ هائوس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان اربين روپين جي ڪرپشن تي ڳالهه ڪريون ٿا، هتي ماڻهن کي صرف پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي، هي سسٽم تمام پراڻو هلندو پيو اچي پر شڪر آهي جو گهڻيون شيون پڪڙيون به وينديون آهن، پر انهن جي ذميدارن جو تعين ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته عمران خان کي منهنجو مشورو آهي ته اڄ ئي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي وڃي، هي نه ٿئي جو ڪو پوليس جو جوان کيس پڪڙي اليڪشن ڪميشن جي سامهون بيهاري، بهتر آهي ته هو وڃي ۽ ٻڌائي ته مون کي ادارن جو احترام آهي، هن چيو ته هي ايوان اسان جو محور آهي، ماڻهن کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته جيڪو پارليامينٽ ۾ نٿو اچي ان کي ووٽ نه ڏيڻ گهرجي.