والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
عدالتن سان محاذ آرائي نواز شريف ۽ ملڪ لاءِ صحيح ناهي: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته عدالتن سان محاذ آرائي نواز شريف، مسلم ليگ ن ۽ هن ملڪ لاءِ ٺيڪ ناهي. ٽيڪسلا ۾ پريس ڪانفرنس  دوران چوڌري نثار علي خان چيو ته پهرين ڏينهن کان منهنجو هڪ ئي موقف هو ته ڪيس عدالتن ۾ هلڻ گهرجن ڇو ته فيصلو رڳو عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو، نواز شريف ۽ ان جي خاندان جي خلاف ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو فيصلو عدالتن ۾ ٿيندو.  عدالتن سان محاذ آرائي نواز شريف مسلم ليگ ن هن ملڪ لاءِ ٺيڪ ناهي. چوڌري نثار چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ دنيا جي پنجين وڏي قوت آهي، پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي فوج جي آپريشن جو سوچڻ به تذليل آهي، اسان کي پنهنجي فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين تي ڀرپور اعتماد آهي، پاڪستان جي اندر آپريشن ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج هر وقت تيار آهي، اسان وٽ افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جا ثبوت موجود آهن ۽ جيڪڏهن دهشتگردن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻو ئي آهي ته پهرين ٻه طرفو ٿيڻ گهرجي. گهر جي صفائي بابت اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ادارن تي تنقيد جي حوالي سان ته حڪومت ئي جواب ڏئي سگهي ٿي پر اسان ادارن تي تنقيد نه ڪرڻ جو حلف کنيو آهي. پنهنجي گهر جي حوالي سان منهنجو موقف واضع آهي ته ڪنهن به پنهنجو گهر صاف ڪرڻ کان ناهي روڪيو پر حڪومت ۽ وزير بيان بازي جي بدران پنهنجو گهر صاف ڪرڻ ۾ وقت لڳائن ته ان تي ڪو اعتراض ناهي. شيخ رشيد بابت هن چيو ته منهنجي سياست جو محور شيخ رشيد جي مايوسي يا عدم مايوسي ناهي، مون کي شيخ صاحب جو قرض ڏيڻو آهي ان جي خواهش تي سياست ڪندس.  پارٽي اختلافن تي چوڌري نثار چيو ته مسلم ليگ ن ۾ وڪ فارورڊ بلڪا ناهي بڻجي رهيو،  مون سڄي ڄمار هڪ ئي پارٽي سان نڀايو آهي، مون هميشه پنهنجي عقل موجب جيڪا ڳالهه صحيح سمجهي اها ائين ئي ڳالهه آهي.