والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
پاڪ فوج آمريڪي ڳجھي ڄاڻ تي 5 پرڏيهي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو، ٽرمپ پاران ڪارروائي جي واکاڻ

راولپنڊي/واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج 2012ع ۾ افغانستان مان اغوا ڪيل 5 پرڏيهين کي ڪرم ايجنسي ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي بازياب ڪرائي ورتو آهي، مغوين کي هڪ ڏينهن اڳ افغانستان مان پاڪستان منتقل ڪيو ويو هو، جنهن جو وقت سر ڳجهو اطلاع آمريڪي ڳجهن ادارن پاڪ فوج کي ڏنو، جنهن بعد فوري طور تي ڪارروائي ڪندي انهن پرڏيهين کي بازياب ڪرايو ويو، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق پاڪ فوج ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي پرڏيهي خاندان کي دهشتگردن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي، ان حوالي سان آمريڪي ڳجهي اداري پاڪستان آرمي کي اطلاع ڏنو ته پرڏيهي خاندان کي افغانستان مان پاڪستان منتقل ڪيو پيو وڃي، هڪ ڏينهن اڳ ملندڙ وقت سر اطلاع بعد پاڪ فوج ڪارروائي ڪندي انهن کي بازياب ڪرائي ورتو، ان خاندان ۾ ڪينيڊين شهري، ان جي آمريڪي زال ۽ 3 ٻار شامل هئا، دهشتگرد مغوين کي ڪرم ايجنسي کان پاڪستان منتقل ڪري رهيا هئا. ٻئي پاسي آءِ پي ايس آر سربراهه ميجر جنرل آصف غفور هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته طالبان 2012ع ۾ ڪينيڊين صحافي ۽ سندس گهرواري کي افغانستان مان اغوا ڪيو هو، ان دوران اهي افغانستان ۾ ئي رهيا، جڏهن ته گذريل شام 4 وڳي آمريڪي اختيارين طرفان اسان کي ٻڌايو ويو ته طالبان کين پاڪستان منتقل ڪري رهيا آهن، شام 7 وڳي پاڪ فوج جي جوانن جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ذريعن سان گاڏي کي ٽريس ڪيو ۽ گاڏي ۾ موجود مغوين کي آزاد ڪرايو، پاڪستان جي سرحدن ۾ گڏيل آپريشن جي ڪا به گنجائش ناهي پر آمريڪي اختيارين طرفان وقت سر ڳجهي اطلاع تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان جي فوج ۾ سڀ صلاحيتون موجود آهن، دنيا جي سڀني ملڪن دهشتگردي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا پر پاڪستان پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪندي ملڪ کي محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، اسان کي جيڪو ڪرڻو هو ڪري ڇڏيو، هاڻ دنيا کي ڊو مور ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڪينيڊين شهري، سندس آمريڪي گهرواري ۽ ٻارن کي ڪامياب آپريشن کانپوءِ آزاد ڪرايو آهي، جنهن جو آمريڪين به اعتراف ڪيو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ فوج طرفان 5 پرڏيهين جي بازيابي تي پاڪ فوج حڪومت جي واکاڻ ڪئي آهي. پرڏيهين جي بازيابي پاڪ آمريڪا لاڳاپن لاءِ مثبت لمحو آهي، پرڏيهين جي بازيابي تي پاڪستاني حڪومت جي معاونت ان ڳالهه جو اشارو آهي ته پاڪستان خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري لاءِ آمريڪي خواهشن جو قدر ڪري ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان کي اميد آهي ته اهڙي طرح جي معاونت ۽ ٽيم ورڪ وڌيڪ مغوين جي بازيابي ۽ مستقبل ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل آپريشن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.