والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري، نااهل ڪيو ويو ته سياست ڇڏي ڏيندس: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 26 آڪٽوبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان جي خلاف توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪئي هئي، هن نومبر 2014ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين خلاف غير ملڪي فنڊنگ جي معاملي تي به درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن جي اڃان تائين ٻڌڻي جاري آهي، ان کان اڳ گذريل مهيني 14 سيپٽمبر تي اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 25 سيپٽمبر تي طلب ڪيو هو، پر 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي عمران خان کي اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن ته جواب داخل نه ڪرائڻ تي هاڻي اليڪشن ڪميشن سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بينچ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٻن ميمبرن عمران خان جي گرفتاري وارنٽ جي مخالفت ڪئي پر ٽن ميمبرن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن عمران خان پاران اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تي فيصلي جو اختيار الڪيشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيو هو. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمران مون کي اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ مان نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، مون کي نااهل ڪيو ويو ته انهن وانگر ڇو ڪَڍيوَ جو پٽڪو نه ڪندس پر پارٽي سربراهي ۽ سياست ئي ڇڏي ڏيندس، ان باوجود ڪرپٽ مافيا جو پيڇو ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حق ناهي، اليڪشن ڪميشن رڳو شفاف چونڊن لاءِ هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي ڪرپشن جا بادشاهه آهن، اهي پنهنجي اقتدار لاءِ مون کي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن مان نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، حڪومت مون کي گرفتار ڪرائڻ چاهي ٿي ته پنهنجو اهو شوق به پورو ڪري، مان نااهل ٿيڻ کانپوءِ انهن جو پيڇو نه ڇڏيندس. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته برطانيا ۾ ڪرمنل فنانس ايڪٽ 2017ع لاڳو ٿي چڪو آهي، هاڻي شريف خاندان جي ڦريل دولت جو برطانيا ۾ به جواب ڏيڻو پوندو. ان قانون تحت پرڏيهي بيورو ڪريٽ ۽ سياستدانن جي برطانيا ۾ گردش هيٺ غير قانوني پيسي کي ضبط ڪيو ويندو. هن چيو ته شريف ڪٽنب لاءِ لٽ مار جي دولت بچائڻ آسان ناهي، هنن کي ان جو حساب برطانوي اختيارين کي ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته شريف خاندان پاڪستان مان ڀڄي برطانيا ويو پر اتي به پڪڙيا ويندا.