والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
مسٽر پرفيڪٽ عامر خان به هيرو ۽ هيروئنز جو معاوضو برابر ڪرڻ جو حامي

ممبئي(ڪلچرل نيوز) مسٽر پرفيڪٽ عامر خان به هيرو هيروئنز جو معاوضو برابر ڪرڻ جو حامي بڻجي ويو آهي، هڪ انٽرويو ۾ عامر خان چيو آهي ته انڊسٽري ۾ ڪنهن کي به پسند يا ناپسند بدران سندس ڪم جي بنياد تي معاوضو ملڻ گهرجي، هيرو هجي يا هيروئن فلم ۾ هر ڪو جي جان سان ڪم ڪري ٿو، ان ڪري اهو فرق هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته منهنجي باري ۾ اهو عام تاثر آهي ته آئون وڏو معاوضو وٺندو آهيان پر حقيقت بلڪل ان جي ابتڙ آهي، آئون هڪ اداڪار طور ڪوبه معاوضو نه وٺندو آهيان، بلڪه نفعي ۽ نقصان جو ڀائيوار بڻجندو آهيان، جنهن ڪري ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.