والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
پ پ صحافين سان گڏ آهي سندن مسئلا حل ڪرڻ ترجيح ۾ شامل آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (بيورو رپورٽ)  سنڌ جي اطلاعات واري کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاھ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن اسٽريٽ ڪرائيم واردات ۾ زخمي ٿيندڙ اسپورٽس رپورٽر جاويد اقبال کي پنج لک روپين جو چيڪ ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته  عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن جاويد اقبال پنهنجي گھروارن سان ڪراچي جي  علائقي پاور هائوس چورنگي جي ويجھو گذري رهيو هو ته اڻڄاتل ڏوهارين گن پوائينٽ تي سندس فيملي کي ڦري ورتو مزاحمت تي ڏوهارين گولي هلائي ڇڏي جنهن سان جاويد اقبال زخمي ٿي پيو هوگولي سندس پير تي لڳي هئي جنهن جو ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ آپريشن ٿيڻ وارو آهي. واقعي جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سخت نوٽيس وٺندي نه فقط ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر جاويد اقبال جو علاج به سرڪاري خرچ تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. چيڪ ڏيڻ جي موقعي تي ناصر حسين شاھ جو چوڻ هو ته صحافين جي درد جي گھڙي ۾ پيپلز پارٽي هميشه شامل رهي آهي. جاويد اقبال لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ خاص هدايت ڏني هئي. صوبائي وزير جو چوڻ هوته حڪومت جي اُپائن جي ڪري اڄ ڪراچي ۾ پهرين جهڙيون حالتون ناهن ڪراچي امن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اهم شخصيتن سميت غير ملڪي رانديگر ڪراچي اچي رهيا آهن. پيپلز پارٽي ماضي جيان اڄ به صحافين سان گڏ آهي. اسان سمجھون ٿا ته صحافين جا مسئلا اسان جا پنهنجا مسئلا آهن. انهن کي حل ڪرڻ اسان جي ترجيح ۾ شامل آهي. ان موقعي تي اسپورٽس جنرلسٽس ايسوسيئيشن سنڌ( سجاس) جي سيڪريٽري اصغر عظيم صوبائي وزير جا ٿورا مڃيا. هن جو چوڻ هو ته اهو پهريون موقعو آهي جو راندين جي ڪوريج ڪندڙ صحافي جي مالي مدد ڪئي وئي آهي. هن چيو ته صحافين جو مسئلو ننڍو هجي يا وڏو پيپلز پارٽي ان کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو آهي. ڪراچي يونين آف جنرلسٽس جي صدر حسن عباس چيو ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت جي هدايت تي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاھ صحافين جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي اهم پروجيڪٽس تي ڪم جاري آهي. چيڪ ڏيڻ جي موقعي تي نيشنل بئنڪ جو اسپورٽس اينڊ ميڊيا جرنلسٽ غلام محمد، سجاس جو صدر طارق اسلم، سينيئر نائب صدر زبير نذير خان، ڪراچي هاڪي ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري حيدر حسين، مظهر عباس، پيپ جو سيڪريٽري حامد حسين سميت ٻيا عهديدار موجود هئا.     .