والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف ڏيکاءُ ۽ مڪ مڪا جي سياست ڪن ٿيون: آصف زرداري

نوشهره (م ڊ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏيکاءُ ۽ مڪ مڪا جي سياست ڪن ٿيون، ڪجھه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ جون چونڊون ٿيون جنهن ۾ تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن گڏجي ووٽ ڏنا هئا. پي ٽي آءِ وارا نئون پاڪستان بڻائڻ جي ڳالهه ڪندا آهن پر هڪ رڳو هڪ ڳوٺ به ناهن ٺاهي سگهيا ۽ هنن خيبر بينڪ کي نه ڇڏيو. نوشهره ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اڄ پرويز خٽڪ جي ڳوٺ ۾ آهيان، اهي ماڻهو چون ٿا ته نئون پاڪستان بڻائينداسين پر هي رڳو هڪ ڳوٺ به ناهن ٺاهي سگهيا، پرويز ختڪ کي سڃاڻان ٿو هو منهنجي آفيس ۾ ويٺو هوندو هو. هن ته خيبر بينڪ کي به نه ڇڏيو. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته برصغير پاڪ ۽ هند ۾ اسلام فقيرن ۽ درويشن جي ڪري پکڙيو، آئون پاڻ به صوفين جي ڌرتي سان واسطو رکان ٿو، زرداري چيو ته موجوده حڪومت ۾ ايتري لوڊشيڊنگ ۽ هر قسم جو فراڊ آهي، جنهن کي اسان نوڪريون ڏنيون، هنن انهن ماڻهن کي ڪڍي ڇڏيو، اسان هزارين ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ مان بحال ڪرايو، اهي ماڻهو هر قسم جو سياسي انتقام وٺندا آهن. هن چيو ته سينيٽ ۾ اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي ووٽ ڏنا، اهي ماڻهو ڏيکاءُ واري سياست ڪندا آهن انهن جي هر شئي ۾ ڏيکاءُ آهي. اسان کي پاڪستان ۽ پختونن جو قدر ڪرڻ گھرجي. اسان پختونن کي سڃاڻپ ان ڪري ڏني ته ڀارت پختونخوا ۾ داخل نه ٿي سگھي ۽ پختون پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ پاڪستان سان گڏ رکن. اسان سڀني سان گڏجي ڏکيائين کي منهن ڏينداسين. ڀارت ۾ مسلمانن سان زيادتي ٿي رهي آهي، ڀارت ۾ بي جي پي جي ڊپ منجهان ووٽ ڏين ٿا، اسان پهرين به ڪانگريس کي هارايو هو، اڄ بي جي پي کي شڪست ڏيڻي آهي.