والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
ايبٽ آباد ڪميشن وانگر نيب ڪيسن جو نتيجو به نڪرندو ، ڪو به ڪيس التوا ۾ نه رهندو: جاويد اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهي ڇڏڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ايبٽ آباد ڪميشن وانگر نيب ڪيسن جو نتيجو به نڪرندو ، ڪو به ڪيس التوا جو شڪار ٿيڻ نه ڏيندس، گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي رپورٽ حتمي مرحلن ۾ آهي، اها جمع ڪرائي پوءِ سربراهي ڇڏيندس، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جسٽس (ر)جاويد اقبال چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهي في الحال نه پيو ڇڏيا، ان جي رپورٽ آخري مرحلن ۾ آهي اها مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سربراهي ڇڏيندس. هن چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن جي جاچ جو نتيجو نڪتو اهڙي طرح نيب ڪيسن جو به نتيجو نڪرندو، سڀني ڪيسن کي پڄاڻي تي پهچائينداسين، انشآءُ الله سڀئي ڪم خير خوبي سان پڄاڻي تي پهچندا، هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي رپورٽ حتمي مرحلن ۾ آهن، اها جمع ڪرائي پوءِ استعيفا ڏيندس، هن چيو ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي نيب جي سمورن معاملن تي تفصيلي بريفنگ وٺندس ۽ ڪو به معاملو التوا جو شڪار ٿيڻ نه ڏيندس، جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته ان حوالي سان هڪ ٻن ڏينهن ۾ بريفنگ وٺندس، هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ٽن سالن تائين وڏي محنت ڪئي آهي، هن چيو ته اسامه بن لادن بابت ايبٽ آباد ڪميشن پنهنجو نتيجو ڪڍي ڏنو هو هاڻي عملدارن جو ڪم آهي ته هو ان تي وڌيڪ ڪم ڪن، هن چيو ته قانون سدائين ثبوت گهرندو آهي ۽ گم ٿيل ماڻهن پاران آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪو به بيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي ته مون کي ڪنهن کنڀيو هو، ڀلا ان صورتحال ۾ اسان ڪنهن تي ڪيئين ذميداري لاڳو ڪري سگهون ٿا.