والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
گهر ۾ مسئلو نه هو ته نيشنل ايڪشن پلان ڇو ٺاهيو ويو: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جي موقف تي قائم آهيان جيڪڏهن پنهنجي گهر ۾ مسئلو نه هو ته پوءِ نيشنل ايڪشن پلان ڇو ٺاهيو ويو، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ آڪٽوبر سدائين ڳرو رهيو آهي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته آمريڪي عملدارن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ پاڪستان افغان مسئلي کي سياسي طور تي حل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ ڀارت جي افغانستان ۾ ڪردار تي خدشن کي به تسليم ڪيو آهي، هن چيو ته مون آمريڪي عملدارن تي واضح ڪيو آهي ته اهي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻڻ جي نشاندهي ڪن اسان پاڻ ڪارروائي ڪنداسين جڏهن ته پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جي حوالي سان خواجه آصف هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته آئون پنهنجي گهر کي درست ڪرڻ واري موقف تي اڄ به قائم آهيان جيڪڏهن پنهنجي گهر ۾ مسئلو نه هو ته پوءِ نيشنل ايڪشن پلان ڇالاءِ ٺاهيو ويو، هن چيو ته حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ ڪنهن ٻي کان نه پر عوام کان وٺڻو آهي ۽ سياسي تاريخ ۾ آڪٽوبر جو مهينو سدائين ڳرو رهيو آهي.