والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
حساب ڪتاب جون ڳالهيون ڪندڙ آمريڪا افغان جنگ ۾ اسان جي انفرا اسٽرڪچر جي استعمال جو حساب ڏئي: پاڪستان

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حساب ڪتاب جون ڳالهيون ڪندڙ آمريڪا افغان جنگ ۾ اسان جي انفرااسٽرڪچر جي استعمال جو حساب ڇو وساري ويٺو؟، پرڏيهي ميڊيا موجب ڊپلوميٽ ميگزيب جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي اعزاز چوڌري جو آمريڪا کي سي پيڪ منصوبي تي سوچ بدلائڻ جو مشورو ڏيندي چوڻ هيو ته سي پيڪ منصوبو خوشحالي جي اميد آهي، ڪنهن به ملڪ کي ان منصوبي کي ڪنهن ٻي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي، اعزاز چوڌري چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حساب ڪتاب جون ڳالهيون ڪندو آهي، آمريڪا افغان جنگ ۾ اسان جي بندرگاهه، اسان جا رستا، انفرااسٽرڪچر استعمال ڪيو، پر اسان ڪڏهن حساب نه ڪيو.