والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
خطي جو مستقبل هڪٻئي سان جڙيل آهي، ٻڏياسين ته سڀ ٻڏنداسين: آرمي چيف جو ڀارت ۽ افغانستان کي پيغام

ڪراچي (رپورٽ: مجيد عباسي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان گذريل 4 ڏهاڪن کان ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، معيشت جو تعلق زندگي جي سمورن شعبن سان آهي، بهتر سيڪيورٽي نه هئڻ سبب امير ملڪ به جارحيت جو شڪار ٿيندا آهن، روس وٽ هٿيار گهٽ نه هيا، پر ڪمزور معيشت سبب روس جو ورهاڱو ٿيو، جنرل قمر قمر جاويد باجوه جو سيمينار کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته قومي لائحه عمل تي عملدرآمد لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، دنيا ۾ قومي سلامتي ۽ معاشي استحڪام ۾ توازن جي حصول تي ڌيان آهي، سلامتي ۽ معيشت هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، اڄ جي دور ۾ سيڪيورٽي هڪ وسيع موضوع آهي، ملڪ ۾ داخلي سلامتي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، سندس چوڻ هيو ته رياست کي درپيش چئلينجز کي شڪست ڏني وئي آهي، پاڪستان گذريل 4 ڏهاڪن کان ڪيترن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، معيشت جو تعلق زندگي جي سمورن شعبن سان آهي، سندس چوڻ هيو ته مضبوط معيشتن جارحيت کي منهن ڏنو آهي، مختلف عالمي نظرين ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران تبديلي آئي، معيشت زندگي جي هر پهلو تي اثرانداز ٿيندي آهي، جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته عراق جو ڪويت تي حملو اهم مثال آهي، اسان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ غير مستحڪم خطي ۾ رهون ٿا، شروع کان ئي پاڪستان کي ڪيترن بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو. اميد ڪريان ٿو ته سينيمار جي نتيجن مان لاڳاپيل ڌريون فائدو وٺنديون. آرمي چيف چيو ته دنيا جو قومي سلامتي ۽ معاشي استحڪام ۾ توازن جي حصول تي مرڪزي ڌيان آهي، پاڪستان کي به ان توازن کي يقيني بڻائڻو پوندو. نيشنل ايڪشن پلان تي جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، ترقي ٿي رهي آهي، پر قرض به آسمان تي پهچي رهيا آهن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي شرح گهٽ آهي، ڪشڪول ٽوڙڻو آهي ته پوءِ ان کي بهتر بڻائڻو پوندو، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جا شعبا بهتر ٿيا، پر خساري ۾ ڪو فرق نه آيو. هن چيو ته سي پيڪ ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن، انهن منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني دوستن کي آرمي سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي، تنهن هوندي به اڃا ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي، خطي ۾ تاريخي مسئلا ۽ منفي مقابلن جو رجحان آهي، اسان جي اوڀر ۾ جنگي جنون ۾ گهيريل ڀارت ۽ اولهه ۾ غيرمستحڪم افغانستان آهي. اولهه سرحد تي مسئلن جو سفارتي، فوجي ۽ معاشي حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جنرل باجوه چيو ته اوڀر ۽ اولهه ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي خلوص سان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان جو مقدر هڪٻئي سان جڙيل آهي، اسان جو خطو ٻڏندو ته گڏجي ٻڏندو، ان جو ٻيڙو ترندو ته گڏجي ترندو. دشمن جڏهن به پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهيندو آهي ته ڪراچي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته انشاءَ الله ڪراچي هميشه محفوظ رهندو. شهر قائد ۾ امن اسان جي پهرين ترجيح آهي، اميد آهي ته ڪراچي ۾ معاشي سرگرميون تيزي سان بحال ٿينديون.