والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
آفريدي، يونس ۽ مصباح جو خال هڪ رات ۾ ڀري نٿو سگهجي: نجم سيٺي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي سريلنڪا هٿان شڪست بعد هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آفريدي، يونس ۽ مصباح جو خال هڪ رات ۾ ڀري نٿو سگهجي، چيمپئنز ٽرافي کٽيندڙ ٽيم ۾ ليجنڊز جي وڃڻ بعد ڪافي تبديلي اچي وئي آهي، سينئر رانديگرن جو خال جلد نٿو ڀرجي سگهي، ان جي ڪري هن مشڪل وقت ۾ ٽيم جي رانديگرن تي تنقيد ڪرڻ بدران انهن تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ گهرجي، ان کان علاوه ٽيم کي هن وقت سپورٽ جي ضرورت آهي. ٽيسٽ سيريز هارائڻ باوجود ٽيم مان اميدون آهن، ون ڊي سيريز ۾ سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.