والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد****سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا وڏو هٿيار بڻجي ويو آهي: احسن اقبال****صحيح احتساب نه ٿيو ته چوڪن تي عدالتون لڳائڻ مجبوري هوندي: سراج الحق****ڪراچي ۾ مقابلو، انصار الشريعه جي سربراهه سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار زخمي
دبنگ اسٽار سلمان خان جي سفارش تي بوبي ديول جي ”ريس-3“ ۾ انٽري

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي سفارش تي بوبي ديول کي ريس-3 ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته بوبي ديول کي فلم پوليس آفيسر جو ڪردار ڏنو ويو آهي، پروڊيوسر رميش توراني به ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ريس-3 ۾ بوبي ديول کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، سلمان خان سندس نالو ڏنو هو، بوبي ديول سان اڳ به ٻن فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو آهي، اسان ٻنهي ۾ سٺي ذهني هم آهنگي آهي، ريس-3 لاءِ سلمان خان، جيڪولين فرنينڊس ۽ بوبي ديول کان علاوه ٻيو ڪنهن جو به نالو فائنل ناهي ڪيو، افواهن ۾ ڪافي نالا آهن پر انهن جو حقيقت سان تعلق ناهي.