جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
شرجيل ميمڻ سميت 3 ڄڻن جي ضمانت ۾ واڌ نه ٿي

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  اطلاعات کاتي ۾ 5ارب ڪرپشن ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ .ذوالفقار شلواني ،الطاف حسين مميڻ سميت ٻين جي ضمانت ۾ واڌ نه ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ۽ وڪيلن دليل جاري رکڻ جي به هدايت ڪئي آهي .عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران شرجيل ميمڻ سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا .عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران شرجيل ميمڻ  جي وڪيل عامر رضا نقوي ۽ شهاب سرڪي چيو ته سيپرا ۽ پيپرا جا رول ان ڪيس تي لاڳو نٿو ٿي .هنن چيو ته اشتهارن ڌيڻ ۾ مختلف طريقيڪار هوندو آهي .جڏهن ته اشتهاري ڪمپنين کي نظر ۾ رکي مقابلي باري ڪئي ويندي آهي .هنن چيو ته اشتهارن جي ريت ۾ ڪابه تنازعا نه آهي .هنن چيو ته اليڪٽرڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جا الگ الگ ريٽ هوندا آهن .شرجيل ميمڻ جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته هر چينل ۾ ريٽ الگ الگ آهي ڪهڙي چينل ۾ گهٽ ۽ ڪهڙي ۾ وڌيڪ آهن .هنن چيو ته منهنجي موڪئل ريٽ ۾ ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي .هنن چيو آهي ته مارڪيٽ جا ريٽ سيپرا جي موجب آهن .هنن چيو ته اشتهار تي پنجاب سرڪار به ڏيندي آهي .اشتهاري ڪمپنين جا ريٽ فيڪس هوندا آهن .شرجيل ميمڻ جي وڪيل عامر رضا نقوي چيو ته ريفرنس ۾ ڪابه الزام ثابت نه ٿيو آهي .منهنجي موڪئل ڪهڙي به فيويريٽ ڪمپني کي اشتهارنه ڏنو آهي .هن چيو ته اشتهار ريليز نه ٿيو بل اچي ويو .هن چيو ته بلز شرجيل ميمڻ منظور نه ڪيو آهي .هن چيو ته منهنجو موڪئل مالي طور تي ان ملوٽ نه آهي .جڏهن ته چيف جسٽس سنڌ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عوام جو پئيسو ڪهڙي طرح خرچ ڪيو ويو آهي .چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته مٽال جي طور تي سرڪار اگر هڪ لک ڏئي رهي آهي ته توهان چينل کي 13 هزار ڏيو ٿا،باقي 87 هزار توهان جي جيب ۾ هوندا آهن .12 کان 13 سيڪڙو ڪميشن هوندي آهي .جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سنڌ فيسٽول جي لاءِ سنڌ ٽي وي کي 12 ملين کان وڌيڪ رقم ڏني وئي .ايف ايم ريديو کي ڪابه رقم نه ڏني وئي .هن چيو ته ڪيپيثل ٽي وي کي 49 لک رپين کان وڌيڪ ڏنا ويا ان جو چيڪ فائيلن ۾ موجود آهي .چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان ٽي وي کي ريڊيو چو لکيو آهي .جڏهن ته وڪيل چيو ته ڪيپيٽل ٽي وي اسان کي لکيو آهي ته هن ريڊيو ايف ايم کان ڪابه رقم نه ورتي آهي .عدالت ۾ نئب جي وڪيل چيو ته شرجيل ميمڻ پهرين اشتهار هلائي جو حڪم ڏنو هو پيو آرڊ جاري ڪيا هئا .هن چيو ته اشتهارن جي شائع ٿيڻ کان پوءِ پري ڪاليفيڪشن ڪئي وئي .شرجيل ميمڻ پنهنجي من پسند ماڻهو کي اشتهار ڏيڻ ۽ رقم پنهنجي جيب ۾ پئي وئي .چيف جسٽس سنڌ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ ڪلچر فيسٽيول جو بل آيو آهي پهرين اپريل تي ۽ پري ڪاليفيڪيشن 16 اپريل تي ڪيو ويو آهي .عدالت جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ نه ڪيو بلڪ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪندي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .