جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
ڪراچي ۾ استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، لاٺي چارج، شيلنگ، 15 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ايس ايل ٽي استادن پاران بحالي ۽ پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج، وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌندڙ استادن کي پوليس عبرتناڪ تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو. واٽر ڪينن، لاٺي چارج ۽ شيلنگ جي استعمال سميت استادن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٽنگو ٽالي ڪري گرفتاريون ڪيون ويون. صوبائي وزير ناصر شاهه پريس ڪلب پهچي استادن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. ڪالهه ايس ايل ٽي ٽيچرز پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج دوران ايڊيشنل سيڪريٽري ايجوڪيشن استادن کي گهرائي ڳالهيون ڪيون، ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ استاد وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي. پوليس پاران استادن تي شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي وئي. پوليس احتجاج کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو. اهلڪارن استادن جي عظمت جو به ڀرم نه رکيو ۽ استادن کي تشدد ڪندا ٽنگو ٽالي ڪري پوليس موبائل ۾ اڇلائيندا رهيا. 15 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته احتجاج ۾ شريڪ ڪيتريون ئي ليڊي ٽيچرز ۽ ميل ٽيچرز زخمي پڻ ٿيا، ٿوري دير لاءِ پريس ڪلب وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پوليس تشدد سبب احتجاج ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ بعد ۾ احتجاج ڪندڙ پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي ويا. صبح کان وٺي احتجاج ڪندڙ استادن طرف سنڌ حڪومت جو ڪو به نمائندو لڙي نه آيو ۽ استادن جا حال احوال نه ورتا جڏهن استادن کي پوليس عبرتناڪ تشدد جو نشانو بڻايو ان کان پوءِ سڌسماءَ وارو صوبائي وزير ناصر شاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ تي پهتو ۽ استادن سان ڳالهيون ڪيون. ناصر شاهه احتجاج ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته کين  مسئلو حل ڪيو ويندو. هو تعليم واري صوبائي وزير سان ڳالهائيندو ۽ استادن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. ملازمن سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، اوهان سان انصاف ٿيندو، ملازمن جي اڳواڻن جي وفد کي اڄ ڳالهين لاءِ صوبائي وزير ناصر شاهه پنهنجي آفيس گهرايو آهي، جتي ڳالهين ۾ تعليم کاتي جا عملدار ۾ شريڪ ٿيندا. ناصر شاهه پاران يقين ڏيارڻ تي استادن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي استاد اڳواڻ ابوبڪر ابڙو، ظهير بلوچ، محمد خان ملڪ ۽ ٻين چيو ته 2012ع ۾ 36 سئو کان وڌيڪ ڪامياب اميدوارن کي ايس ايل ٽي جا آرڊر ڏنا ويا، جائز طريقي سان ڀرتيون ڪيون ويون پر تعليم کاتو ڪجهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هنن چيو ته سروس ٽربيونل پڻ بحال ڪري پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي پر تعليم کاتو پنهنجي ضد تي قائم آهي. هنن چيو ته ڪجهه من پسند استادن جون پگهارون جاري ڪيون ويون آهن. هنن چيو ته ناصر شاهه پاران يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم ڪيون ٿا جيڪڏهن اڃا به پگهارون جاري ڪري بحال نه ڪيو ويو ته ٻيهر وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ناصر شاهه پاران استادن سان ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ گرفتار استادن کي پڻ آزاد ڪيو ويو.