جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
حڪومت عوام جي زندگين ۾ انقلاب آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم

 اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پهرين ڏينهن کان سماجي ۽ اقتصادي طور تي عوام جي زندگين ۾ انقلاب آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي بي مثال منصوبن جي شروعات ڪئي آهي. هن اها ڳالهه گوجرانوالا ڊويزن سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ ترقياتي منصوبن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي تڪن جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام ترقياتي قدمن جا ثمر حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ انهن ڪوششن جي نتيجي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان خوشحال ۽ ترقي يافته ٿيندو. وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جي لاءِ عوامي ڀلائي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن کي عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ گهرجي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ دفاع وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، قومي صحت ۽ دمتن واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ، قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير عثمان ابراهيم، پورٽس اينڊ شپنگ واري مملڪتي وزير چوڌري جعفر اقبال، قومي اسيمبلي ميمبرن چوڌري محمود بشِر ورڪ، ميان طارق محمود، رانا عمر نذير خان، اظهر قيوم، جسٽس (ر) افتخار احمد چيما، ميان شاهد حسين خان ڀٽي، چوڌري عابد رضا، ممتاز احمد تارڙ، ناصر اقبال بوسال، چوڌري ارمغان سبحاني، رانا شميم احمد خان، سيد افتخارالحسن، زاهد حامد، ميان محمد رشيد، شازيه سهيل مير، روبينه خورشيد عالم ۽ فلس عظيم شامل هئا. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد پڻ موجود هو.