جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي لاءِ 5 رڪني لارجر بئنچ جوڙڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاناما ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي لاءِ 5 رڪني لارجر بئنچ جوڙڻ جي گذارش منظور ڪندي 5 رڪني لارجر بئنچ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ قائم ڪري ڇڏي آهي. پاناما ڪيس فيصلي تي نواز شريف ۽ ان جي ٻارن جي نظرثاني اپيل جي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي آغاز تي اڳوڻي وزيراعظم جي ٻارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪي جج ان بئنچ جا ميمبر ئي نه هئا انهن به پاناماڪيس جو فيصلو ٻڌايو ان لاءِ 5 رڪني بئنچ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل ئي پهرين ٻڌي وڃي جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته توهان جي نظرثاني اپيل ۾ سڀئي گرائونڊز ٽه رڪني بئنچ جي فيصلي خلاف آهن جڏهن ته پاناما ڪيس ۾ اڪثريتي فيصلو ٽه رڪني بئنچ جو هو جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته مون نظرثاني درخواست ۾ فيصلي خلاف بنيادي سوال اٿاريا آهن، ٽه رڪني بئنچ جو فيصلو 5 رڪني بئنچ جي فيصلي ۾ ضم ٿيو هو، ٽه رڪني بئنچ کان رليف ملي به وڃي تڏهن به 5 رڪني بئنچ جو فيصلو برقرار رهندو، اسان جي گذارش آهي ته 5 رڪني بئنچ نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. سلمان اڪرم راجا چيو ته 28 جولاءِ جو فيصلو 5 رڪني لارجر بئنچ ڏنو ان لاءِ نظرثاني جي اپيل به 5 رڪني بئنچ ۾ لڳائي وڃي ۽ ان لاءِ 5 رڪني بئنچ جوڙي وڃي جنهن تي عدالت 5 رڪني بئنچ جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي جنهن اها درخواست منظور ڪندي 5 رڪني لارجر بئنچ قائم ڪئي آهي جنهن جي سربراهي جسٽس آصف سعيد کوسا ڪندو، بئنچ ۾ جسٽس گلزار احمد، جسٽس اعجاز افضل، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجازالحسن شامل هوندا.