جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
وفاق ٿر ڪول رٿا تي ٻه اکيائي ڪئي، سيڙپڪارن کي به روڪيو جنهن سبب چين منصوبي تان هٿ کڻي ويو: وڏو وزير

مٺي (رپورٽ: نندلال لوهاڻو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ  جي ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽا ۾ ڪول مائيننگ ۾ ڪوئلي جي  کوٽائي جي 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ واري هڪ تقريب ۾ چيوته هي هڪ خواب آهي جيڪو اڄ شرمنده تعبير ٿيندي ڏسون پيا. جيڪو خواب شهيد محترمه  بينظير ڀٽو صاحبه 1994 ۽ 1995 دوران هتي اچي منصوبي جي افتتاح ڪيو هو. هن چيوته شهيد بينظير ڀٽو ان وقت به ٿر جي ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪيو هو ۽ مونکي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان عظيم منصوبي ۾ منهنجو والد سيد عبدالله شاهه ساڻس وزير اعلي جي حيثيت سان  گڏ هو هن چيوته هن منصوبي تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن جنهن سان نه رڳو سنڌ صوبي بلڪي  ملڪ ۾ سستي ترين بجلي پيدا ڪري سگهبي ۽ بجلي جي کپت کي پورو ڪري سگهبو. هن چيو ته هن منصوبي کي وقت کان اڳ ۾ 2019 ڌاري مڪمل ڪيو ويندو ۽ ملڪ جو 150 ملين ڊالر جي بچت به ڪبي وڏي وزير چيوته اگر وفاقي حڪومت هن منصوبي جي تڪميل ۾ مدد ڪري ها ته اسان ڏهه هزار 500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهون ها ۽ اڄ اسان جي حالت اهڙي نه هجي ها جو پاڪستان اڄ توانائي جي شعبي ۾ بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هن منصوبي جي تڪميل ۾ سابق صدر آصف علي زرداري جو به اهم ڪردار آهي جنهن بلاول هائوس ۾ گڏجاڻيون ڪري ذاتي دلچسپي وٺي سيڙپڪارن کي دعوت ڏني هئي .سيڙپڪارن سان هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته وفاق نه رڳو ٿر ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ٻه اکيائي وارو ڪردار نڀايو پر سيڙپڪارن جي حوصله شڪني ڪئي جو اسان جو برادر ملڪ چين هن منصوبي ۾ سيڙپ ڪاري کان لنوائي ويو. هن چيو ته هن منصوبي جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کنيو آهي ۽ اها نڀائيندي هن چيو ته  جڏهن وزير اعظم نواز شريف ۽ سابق صدر جڏهن هن ٿر جي هن منصوبي کي ڏسڻ آيا هئا ته ان وقت ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ خاطري ڪرائي هئي پر افسوس جو وفاق اڃان تائين ٿرڪول منصوبي کي سنجيده نه ورتو آهي ۽ هن وقت تائين ڪابه مدد نه ڪئي آهي. وڏي وزير چيوته سنڌ ۾ ڪافي ٻيا ترقياتي منصوبا به هلي رهيا آهن پر ٿر ڪول منصوبي کي ترجيح ڏيندي 11 ارب روپيه سنڌ حڪومت پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي ۽ اڃان به مدد ڪندي جيستائين هي منصوبو مڪمل نه ٿي وڃي. هن چيو ته اڄ اسان جنهن کوٽائي واري  منزل تي بيٺا آهيون ان کان 100 ميٽر اڃان به هيٺ وڃي  ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪرڻي پوندي هن. چيو ته هن منصوبي سان 70 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي فائدو ۽ روزگار مليو آهي پر اسان جي ڪوشش آهي ته هتان جا 100 سيڪڙو مقامي ماڻهو روزگار سان لڳن ۽ هن منصوبي  تڪميل کان پوءِ بلاڪ 2 جي مقامي ماڻهن کي 3 سيڪڙو فائدو ڏنو ويندو هن چيوته هن منصوبي ۾ جيتري سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني ڀاڱي ڀائيوار آهي اوترو سنڌ حڪومت سان گڏو گڏ ٿر جا ماڻهو به حصيدار آهن هن چيوته اسان هينئر سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني  جي ڀائيواري سان گڏ تعليم، صحت ۽ ٻين کاتن ۾ 100 ارب روپين جي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون جيڪا اسان ضرور سمجهي رهيا آهيون. هن چيو ته ماضي ۾ سنڌ حڪومت تي بهتان بازي ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت اوور ڊرافٽ ذريعي هلي رهي آهي پر مخالفن پاڻ ڏٺو ته اسان نه رڳو سنڌ ۾ خوشحالي جو باغ پوکيو آهي پر هتان جي رائلٽي جو حصو ٿر فائونڊيشن کي ڏيندا سين ته جيئن هو ٿر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام جي زندگي ۾ نمايان تبديلي آڻي سگهي. هن چيوته ٿر جو هي ڪوئلو ملڪ جو بهتر مستقبل سنواري سگهي ٿو هن چيو ته مونکي اها به خوشي ٿي ته الله سائين ٿروارن جي دعائون قبول ڪيون ۽ بارشن کان پوءِ  پهريون دفعو سيٽلائيٽ تي ٿر سائو ڏٺو ويو. هن چيوته هن گوڙاڻو ڊيم  جي متاثرن لاءِ پيڪيج تيار ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ نه رڳو کين متبادل گهر ٺهرائي ڏبا پر ساڳي طرح سان  پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار پڻ ڏياربو ڇاڪاڻ ته انهن ٿر جي هن منصوبي ۾ پنهنجي زمين، گهر، عبادت گاهون قربان ڪيون. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر ڪول مائين جي پراجيڪٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڊاڪٽر هاف مين، ڊاڪٽر ٿامس، ڊاڪٽر ليوي ٽين کي شيلڊون ڏنيون. بعد ۾ هن منصوبي جو معائنو پڻ ڪيو.وڏي وزير چيوته ٿر ڪول جي 1 کان 4 بلاڪن تي پڻ ڪم ڪرايو ويندو.  ان موقعي تي  چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شمس الدين شيخ منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2002 ۾ اسان هن منصوبي بابت سوچيندا هئا سين ته هي منصوبو ڪيئن مڪمل ٿيندو. هن چيو ته ٿر ڪوئلي جي پاور پلانٽ تي 2 بلين ڊالر خرچ اچي رهيو آهي ۽ هي منصوبو سيپيڪ وانگر ملڪي معيشتن ۾ اهم رول ادا ڪندو ۽ اسان 2025 تائين ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري ڏيندا سين. هن ٻڌايو ته اسان کي 21 مهينا ڏنا ويا پر اسان 15 سيڪڙو گهٽ لاڳت ڪري 18 مهينن ۾ 13 ملين ڪلاڪ ڪم ڪري هن منزل تي پهچايو آهي. هن چيوته اڄ اسانکي خوشي آهي ته سنڌ حڪومت جي تعاون سان ٿر کي بهترين روڊ ۽ هڪ ايئر پورٽ تعمير ڪرائي ڏنا آهن جنهن تي اڄ ٻن جهازن جي لينڊنگ ٿي آهي. هن ٻڌايو ته هن منصوبي ۾  ٿر جا 1500 مقامي ماڻهو  ڪم ڪري رهيا آهن اهڙي ريت پاڙيسري  ملڪ چين جا 1500 ماهر ۽ 900 پاڪستاني شهري  ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي چيني ڪمپني جو جنرل مينيجر ليڪان  ۽ چيئرمين سنڌ ڪول مائينگ  خورشيد احمد جمالي پڻ خطاب ڪيو . تقريب ۾ صوبائي وزير صحت  ڊاڪٽر سڪندر  منڌرو صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر، صوبائي صلاحڪار کٽومل جيوڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايم پي اي مهيش ڪمار ملاڻي، صوبائي سيڪريٽري آغا واصف عباس، صوبائي سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو. کان علاوه  چيني ماهرن ، سيڙپ ڪارن،  ملڪي توڙي ٻاهرين سيڙپڪارن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي پروگرام ۾ اسڪولي ٻارن ٽيبلو پيش ڪري ماڻهن کان داد ورتي. ان کان اڳ وزيراعلي سنڌ ٿر ايئرپورٽ تي ٻن جهازن ذريعي ملڪي توڙي غير ملڪي سيڙپ ڪارن جي هڪ وڏي وفد سان گڏ پهتو جتي مقامي چونڊيل نمائندن ۽ اينگرو جي عملدارن سندس استقبال ڪيو. جنهن بعد وڏي وزير ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي مختلف اسڪيمن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير اسلام ڪوٽ ۾ ايئر پورٽ روڊ تي قائم 100 بيڊن جي سول اسپتال ۽ 1000 شاگردن لاءِ ٽي سي ايف جيوڻ داس اسڪول ڪامپليڪس جو سنگ بنياد رکيو، هن ٽي سي ايف اسڪول اينگرو ڪئمپس جي تياري جو پڻ معائنو ڪيو ۽ وڏي وزير منصوبي ۾ لائيٽ ٽرڪ هلائڻ وارين عورتن ڊرائيورن سان پڻ ملاقات ڪئي، هڪ عورت ڊرائيور وڏي وزير کي ٽرڪ ۾ ويهاري پروفيشنل ڊرائيونگ جو پڻ مظاهرو ڪيو. واضح رهي ته ٿر ڪول ۾ 8 عورت ڊرائيور ڪم ڪري رهيون آهن، وڏي وزير چيو ته اها هڪ تاريخ آهي،  ٿر ڪول پراجيڪٽ جي مقامي انجنيئرن جي الڳ خاص رکيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٿر جا نوجوان انجنيئرن لاءِ ھي تمام وڏو موقعو آھي هنن کي تمام گهڻي دلچسپي ۽ محنت سان ڪم ڪري ان مان فائدو وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ۾ ڪم ڪندڙ چائينيز جي سيڪيورٽي لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آھن. هن چيو ته ٿر ۾ سڄي سنڌ کان گهمڻ ايندڙ سياحن جي تڪليفن کي حل ڪرڻ لاءِ رينجرس جي قائم ٿيل چيڪ پوسٽن بابت اختيارين سان ڳالهائيندس.