رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف درخواست تي ناديا گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا وارنٽ جاري

 ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت  ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل درخواست تي پ پ جي ناديا گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڇڏيا آهن، ٻنهي ڄڻين کي پهرين سيپٽمبر تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف صوبائي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.فرح ناز اصفهاني جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته سندس موئڪل علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر آهي، کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ۾ چيو ته جوابدارن پاران دير وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، درخواست منظور نه ڪئي وڃي .عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي درخواست منظور ڪندي چيو ته ناديه گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جي بريت بابت درخواستون رد ٿي چڪيون آهن، ٻنهي ڄڻين کي گرفتار ڪري پهرين سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.عدالت چيو ته ٻنهي ڄڻين تي پهرين سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.