رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
وزيراعظم پاران ڪراچي لاءِ 25 ارب جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان، ايم ڪيو ايم جا مطالبا پورا ڪنداسين: شاهد خاقان عباسي

 ڪراچي (رپورٽ: ضياءَ قريشي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  ڪالهه ڪراچي جي دوري تي پهتو جتي هن   ڪراچي لاءِ 25 ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو وزيراعظم پاران ڪيل اعلان موجب ترقياتي منصوبن جي نگراني سنڌ جو گورنر ڪندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاران حيدرآباد لاءِ 5 ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي. حيدرآباد ترقياتي پيڪيج تي عمل ڪرڻ لاءِ مون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته حيدرآباد جي ترقيءَ لاءِ ترقياتي پيڪيج تي جلد عمل شروع ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم طرفان وزيراعظم سان رعايتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون وين آهن جنهن تي  وزيراعظم کين جواب ڏنو ته توهان جا سموران مطالبا قانون موجب حل ڪيا ويندا ۽ ڪراچي ۾ امن لاءِ وفاقي حڪومت جي پاليسي برقرار رهندي. ڪالهه گورنر هائوس ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ نويد جميل، ميئر ڪراچي وسيم اختر، فيصل سبزواري ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان گورنر محمد زبير ۽ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال موجود هو. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه فاروق ستار وزيراعظم آڏو شڪايتون ڪيون ته اسان جي توهان جي ووٽ ڏيڻ تي اسان مٿان تنقيدون ٿي رهيون آهن پر وفاقي حڪومت اڃا تائين اسان مطالبا حل ناهن ڪيا. هن وزيراعظم کي چيو ته اسان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا بند ڪيل دفتر کولڻ جي اجازت گهري هئي، پارٽي جا دفتر بند هئڻ ڪري اسان سياسي سرگرميون نٿا ڪري سگهون. هن اهي به شڪايتون ڪيون ته مڪاني نمائندن کي صوبائي حڪومت طرفان ڪي به اختيار نه پيا ڏنا وڃن، جنهنڪري شهر ۾ مسئلا وڌي رهيا آهن. فاروق ستار کيس پارٽي جي لاپتا ڪارڪنن جي باري ۾ به ٻڌايو ۽ گهر ڪئي ته جيڪي به ايم ڪيو ايم ڪارڪن گرفتار ڪري لاپتا ڪيا ويا آهن انهن کي بازيات ڪرايو وڃي. هن ڪراچي ۾ ميگاپراجيڪٽ جي به گهر ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڳالهائيندي ووٽ ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي به مطالبا آهن، انهن کي قانوني طور حل ڪيو ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم کين چيو ته ايم ڪيو ايم جا بند ڪيل دفتر جيڪڏهن غيرقانوني بند ڪيا ويا آهن اهي ضرور کولرايا ويندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ هر صورت ۾ امن برقرار رکڻ چاهي ٿي ۽ ڪراچي ۾ امن لاءِ وفاقي پاليسي جاري رکي ويندي. ايم ڪيو ايم جا جيڪي به جائز مطالبا آهن انهن کي فوري طور حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن وزيراعظم کي متحده پاڪستان جي نئين هيڊڪوارٽر بهادرآباد اچڻ جي به دعوت ڏني، وزيراعظم کين خاطري ڪرائي ته هو جلد ئي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز جو دورو ڪندو. هوڏانهن ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته ايم ڪيو ايم جو مطالبا جلد ڪيا ويندا. اسان کي اميد آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجو واعدو پورو ڪندي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو  ته ميان نواز شريف پنهنجي گهر وڃي رهيو آهي. هن ڪنهن به اداري کي ٽارگيٽ نه ڪيو آهي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي، هو اڳوڻو وزيراعظم آهي، هن عدالتي فيصلو قبول ڪيو آهي، منهنجو پارٽي ليڊر آهي، اڳ به منهنجو وزيراعظم رهيو آهي هاڻ به آئون چوان ٿو ته منهنجو وزيراعظم نواز شريف آهي. هن چيو ته جمهوري نظام جي تسلسل جي حق ۾ عوامي ردعمل سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته 28 جولاءِ تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ کان اڳ مون ايئر بلو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس کان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي هئي، جيڪڏهن اِهو عهدو مون وٽ موجود هجي ها تڏهن به ڪو فرق نه پوي ها پر مون انهيءَ عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي، منهنجا ايئر بلو ڪمپنيءَ ۾ شيئرز آهن، جيڪي اوپن مارڪيٽ مان خريد ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سان گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ٿي آهي، ترقياتي ڪمن، امن امان ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سان گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ٿي آهي، ترقياتي ڪمن، امن امان ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن. شاهه صاحب منهنجو دوست آهي، جيڪڏهن آئيني طور تي هن کي ڪا شڪايت آهي ته آئون اها شڪايت حل ڪرڻ جو پابند آهيان.