رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
نوازشريف ادارن تي دٻاءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي: جهانگير ترين

بهاول پور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته نواز شريف عدالتي فيصلي کانپوءِ تاحيات نااهل ٿي ويو آهي، هو ادارن تي دٻاءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنهنجي تڪ بهاول پور پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته نواز شريف جي ريلي قاتل ريلي بڻجي چڪي آهي، ڪرپشن خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. سندس چوڻ هو ته مان پاناما ڪيس کانپوءِ پنهنجي تڪ ۾ آيو آهيان، عوام جي شاندار استقبال تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي