رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
نواز شريف خوني نه آئيني انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، عوام فيصلو تسليم ناهي ڪيو: راڻا ثناءُ الله

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف خوني نه آئيني انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ججن جي فيصلي کي عوام تسليم ناهي ڪيو، سازش ڀِت تي لکيل نظر اچي رهي آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته جمهوريت دشمن قوتون وارَ ڪري رهيون آهن، عمران خان جمهوريت دشمن قوتن جو مهرو آهي، ڪو ادارو نه ڪجهه ماڻهو ملڪ دشمن هوندا آهن