رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
عدالتي فيصلي سان نواز شريف عالمي سطح تي بدنام ٿيو آهي، نااهل شخص جي سڏ تي عوام ٻاهر نه ايندو: پرويز الاهي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عدالتي فيصلي سان نواز شريف عالمي سطح تي بدنام ٿيو آهي، هن هر جاءِ تي غلط بياني سان ڪم ورتو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان جو اميج بهتر ٿيو آهي، هڪ نااهل شخص جي سڏ تي عوام ادارن خلاف ٻاهر نه ايندو، آئين ۾ وزيراعظم جو نه اسيمبلي جو مدو لکيل آهي. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي ريلي ۾ به غريبن کي چِٿيندو رهيو، حقيقت ۾ شريف خاندان ملڪ ۾ جهنگ جو قانون چاهي ٿو. نواز شريف کي نااهلي کانپوءِ انقلاب ياد آيو آهي