رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ جي فيصلي پاڪستان کي بدنام ڪيو آهي، 14 هين آگسٽ تي اهم انڪشاف ڪندس: نواز شريف

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو اسلام آباد کان نڪتل قافلو چوٿين ڏينهن لاهور ۾ داخل ٿي ويو، جيڪو داتا درٻار تي پهچڻ بعد پڄاڻي تي پهچي ويو نوازشريف جي قيادت ۾ جلوس راولپنڊي، جهلم ۽ گوجرانولا ۾ قيام ڪرڻ بعد رات ڪامونڪي ۽ مريدڪي رستي لاهور ۾ داخل ٿي ويو، اڳوڻو وزيراعظم داتا درٻار ٻاهران جلوس کي آخري خطاب ڪندي چيو ته 14 هين آگسٽ تي مينار پاڪستان تي ٿيندڙ جلسي ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندس ۽ اهم انڪشاف ڪندس، ان کان اڳ لاهور ۾ سندس قافلو داخل ٿيڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، نوازشريف تي گلن جي ورکا ڪرڻ سميت آتش بازي جو مظاهرو به ڪيو ويو، شهر جا سمورا داخلا رستا سيڪيورٽي خدشن جي ڪري بند ڪيا ويا ۽ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.