رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
ڪوئيٽا ۾ بلوچستان اسيمبلي ويجهو فوجي ٽرڪ تي بم حملو، 8 اهلڪارن سميت 17 ڄڻا شهيد، 30 زخمي

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ پشين اسٽاپ ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي دهشتگردن جي بم حملي جي نتيجي ۾ 8 اهلڪارن سميت 17 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 8 کان 9 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، شروعاتي رپورٽن موجب ڌماڪو گاڏي ۾ لڳل بم ڦاٽڻ سان ٿيو، واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ورتو، شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو ڪيترن ئي گاڏين کي باهه به لڳي وئي. ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو هڪ ڪار ۾ ٿيو، جنهن بعد علائقي ۾ افراتفري پکڙجي وئي. شهيد ٿيلن جا لاش سڙي ويا آهن، واقعي واري هنڌ جاچ ٽيمن پهچي شاهديون گڏ ڪيون ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سيڪيورٽي فورسز پاران ميڊيا جي نمائندن کي واقعي واري هنڌ وڃڻ کان روڪيو ويو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي بعد اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور طرفان شوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪي ۾ فوجي ٽرڪ کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 8 اهلڪارن سميت 15 ماڻهو شهيد ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب معمول جي سيڪيورٽي تي مقرر فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي سي ايم اڇ منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هوڏانهن بلوچستان جي گهرو وزير ٻڌايو ته شهر ۾ اڳ ئي ۾ دهشتگردي جي واقعي جا اطلاع هئا، جنهن سبب شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي، جڏهن ته سمورن ڊاڪٽرن جون موڪلون به رد ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته پشين اسٽاپ تان مختلف علائقن لاءِ بسون روانيون ٿينديون آهن، جيڪو شهر جو انتهائي مصروف هنڌ آهي، ڀرپاسي جا علائقي ڳتيل آهن، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان اسيمبلي سميت اهم عمارتون به واقعي واري هنڌ ويجهو موجود آهن.